مسخري مان هيرو بڻيل مشتاق چنگيزيءَ جي آتم ڪٿا

0
313
نقصان-ته-گهٽجي-پئي-سگهيو

   ويهين صديءَ دوران مشتاق چنگيزي، وسيم ۽ قربان جيلاني سنڌي فلم جا اهڙا هيرو رهيا آهن جن پاڪستان ۾ اردو، پنجابي ۽ پشتو فلم جي هيرو ز کي ٽڪر ڏنو ۽ سنڌي فلم کي انهن سامهون بيهارڻ ۾ ڪامياب رهيا. برابر ان ۾ ڊائريڪٽرن سميت ٻي سموري ٽيم جو به هٿ هو ۽ سنڌي فلم انڊسٽري جو معيار سان اڳتي وڌڻ هو. هونئن ته دنيا جهان جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن جو سوانحي ادب پڙهيو آهي پر پنهنجي سنڌي فلمي هيرو جي هي پهرين آتم ڪهاڻي آهي جيڪا مون پڙهي.

سندس ڪٿا زندگيءَ جي ان دور سان شروع ٿئي ٿي جڏهن سنڌي فلم کي گرهڻ لڳي چڪو آهي ۽ هن جي معاشي زندگي به بهتر ناهي ۽ پنهنجي ڀرم جو ڀيد هارون رند کي ڏنل ميار سان کولي ٿو جڏهن هو وٽس ”ديوارين“ ٽي وي سيريل ۾ ڪم لاءِ وڃي ٿو ته کيس ڪم نه ٿو ملي. لکي ٿو: ”مون کي پنهنجي سيريل ۾ ڪم ڏي ته ڪجهه وقت لاءِ بک جي راڪاس کي ماٺ ڪرايان. پر ان وقت پروڊيوسر راڪاس هوندو آهي جڏهن کيس ڪا اسائنمينٽ مليل هوندي آهي.“ (ص: 10) ساڳيو وقت هو يارمحمد شاهه معرفت پنهنجي لاءِ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ لاءِ ڪوششون ڪندي نظر اچي ٿو. پهاڪا ۽ تشبيهون به سٺيون ڪتب آنديون اٿائين جيئن: ”ڳڙ نه ڏجي ته ڳڙ جهڙي ڳالهه ڪجي.“ آتم ڪهاڻي جو پهريون حصو سندس زندگيءَ جي پوئين باب بابت آهي جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ آهي.

هن لکيو آهي ته هُو ڪوٽڙي لڳ ڳوٺ ناگا ۾ پوليس انسپيڪٽر جي گهر ۾ ڄائو ۽ سندس ماءُ افعاني پٺاڻ هئي. مسلسل ڌيئرون ٿيڻ سبب کيس سس پهاڄ جي ڌمڪي ڏني. ان وقت چنگيزي ماءُ جي پيٽ ۾ هو ۽ ماءُ جي صدمن سبب هو ستن مهينن ۾ ڄائو ته بچڻ مشڪل هيس، پر هُو بچي ويو. هن لکيو آهي ته ڪلاڪ ساهه نه ٿي کنيم ۽ ڪلاڪ بعد رنم جنهن تي مزي جو جملو لکيو اٿائين ته: ”سو کڻي ايئن چئجي ته مان ڄائي ڄم کان وٺي اداڪار آهيان.“ڇهن سالن تائين هُو ڳالهائي نه سگهيو.کيس اسڪول جي ڊرامن ۾ بهرو وٺرايو ويو. ٻالڪ پڻ ۾ پهرين ڊرامي ۾ ئي کيس هيرو ۽ اورنگزيب کي هيروئن بڻايو ويو. سندس ماءُ وداع ڪري چڪي هئي. پڙهڻ ۾ جڏو هو ۽ ميٽرڪ ۾ ٽي ڀيرا فيل ٿيو. پڻس ٻي شادي ڪئي. هن ٻي ماءُ کي ساراهيو آهي. ميٽرڪ بعد هو مسلم ڪاليج ۾ پڙهيو. آتم ڪهاڻي موجب ان دوران هُو حيدرآباد اسٽيج جي دنيا ۾ هڪ مسخري طور سڃاڻپ ڪري ويو.

هن پنهنجي مختلف نوڪرين جا ذڪر ڪيا آهن. زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام (موجوده يونيورسٽي ان وقت ڪاليج هئي.) ۾ فوٽوگرافر واري نوڪري دوران هن اخبار ۾ فلم ”شهرو فيروز“ ۾ اداڪارن لاءِ اشتهار پڙهيو، ته هن فوٽو موڪليا، کيس ڪراچي گهرايو ويو. جتي هن لاءِ ”ماڊرن فلم اسٽوڊيو“ پهچڻ مشڪل هو. پر هو ڪنهن ريت پنهنجي دوست نواب ڪيفي تائين پهتو جيڪو کيس بس ۾ اسٽوڊيو وٺي ويو. هن فلم دنيا ۾ داخل ٿيڻ واري پهرين ڏينهن ۽ ڊائريڪٽر شيخ حسن سان ملاقات کي سهڻي ۽ دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سچ ته گڏ گڏ فلمي دنيا جي تڏهوڪي سٺي معلومات به ڏني اٿائين. مزي جي ڳالهه ته هن شيخ حسن کان پنهنجي لاءِ مزاحيا ڪردار جي يا وري ڪنهن ننڍڙي پارٽ لاءِ ورائي ورائي گذارش ڪئي هئي.

پر کيس اسڪرين ٽيسٽ ڏيڻ تائين انتظار جو چيو ويو. ان ڏينهن سندس ملاقات پنهنجي ننڍپڻ جي دوست قربان جيلاني سان ساڳي هنڌ ٿي. چنگيزي موجب: ”مون کي ڏسي مليو پر هن جي ملڻ جو انداز ڪو خاص نه هو. شايد هن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته ڪو مان به فلم لاءِ آيو هوندس.“هو لکي ٿو ميڪ اپ مين نذرانو نه ڏيڻ تي سندس خراب ميڪ اپ ڪيو،”ايتري ۾ شيخ حسين صاحب ميڪ اپ روم ۾ اوچتو اچي نڪتو، جنهن منهنجي منهن کي تخته مشق ٿيندو ڏسي ميڪ اپ مين محمد علي تي ڏاڍو ڪاوڙيو. (ص: 20)“ جنهن بعد سندس ٻيهر ميڪ اپ ٿيو.

هن سان گڏ قربان جيلاني، وسيم، شهزادي، انيلا ناز، مسرت فلمي نالو ماهه پاره، ڪوثر ۽ ٻين جون به اسڪرين ۽ آواز جون ٽيسٽون ٿيون هيون ۽ بعد اهي  سڀ سنڌي فلمي دنيا ۾ نئون روح ڦوڪيندڙ بڻيا. سندس وار آيو ته هُو لکي ٿو: ”منهنجي دل جي ڌڙڪن ڪنهن اسڪول جي موڪل جي گهنٽي جيان ڌڙڪي رهي هئي.“ (ص: 22) آڊيشن جو احوال لکڻ بعد هو چئي ٿو: ”شيخ صاحب منهنجي پاسي ۾ ايندي چيو ڪيئن رهيو فلم جو آزمودو؟ مون فورن جواب ڏنو پگهر منهنجي کڙين کان اچي ٺڪاءُ ڪيو آهي. جنهن تي شيخ صاحب وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين آخر ڪاميڊين آهين نه. پر مان توکي هيرو بڻائيندس.“ (ص: 23) ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو اسٽيج جي دنيا جو مسخرو سنڌي فلمن جو هيرو چونڊجي ويو، سو به پنهنجي ميرٽ ۽ اسڪرين ٽيسٽ موجب.

هن پنهنجي آڊيشن کان وٺي هيرو ٿيڻ تائين ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو هو. سندس پهرين فلم ” شهروفيروز“ ۾ ڪم ڪندڙ هيروئن مهه پاره بابت لکي ٿو: ”هوءَ حيدرآباد جي ”بازارِ حسن“ جي باغ جي هڪ کلندڙ ۽ خوبصورت پنکڙي هئي.“ هن پهرين فلم دوران مهه پاره لاءِ دل ۾ پيدا ٿيندڙ طوفانن جو به سٺو بيان ڪيو آهي. هن پنهنجي پهرين فلم جي شوٽنگ جو پهرين پيار جيان گهڻو احوال ڪيو آهي، ۽ سهڻا جملا به ڪتب آندا اٿائين. فلم کان اڳ خبرون، پوسٽر لڳڻ، سخت پرنسپال جو عزت ڏيڻ، موٽر سائيڪل تي وڃي حيدرآباد ۾ لڪي فلم جي پهرين ڏينهن جائزو وٺڻ وغيره. نه رڳو اهو پر شوٽنگ دوران پيدا ٿيل صورتحال کي اهڙو بيان ڪيو اٿائين جو مرڪ به ڦهلجي ته ڏک واري بيان دوران لڙڪ به نه بيهن.

هن مسخري مان هيرو ٿيندڙ به جڏهن پنهنجي پهرين فلم جي ڪاميابي بابت پنهنجي دوست ڊاڪٽر شوڪت کان ٻڌو هو ته روئي پيو هو. ايئن سنڌي فلمن جي هيرو مشتاق چنگيزي پنهنجي آتم ڪٿا زندگيءَ جي پوئين حصي جي مايوسين ۽ پوءِ فلمي دنيا ۾ پير پائڻ واري حصي ۽ ڪاميابين بابت لکيو آهي ته اتي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۽ ساٿ رهندڙن جي روين کي به اپٽاريو آهي. پاڪستان جي فلم  ۾ سنڌي فلم جي اسرڻ، اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ ڊائريڪٽرن جي سنڌي فلمون ٺاهڻ ۾ دلچسپيءَ سان گڏ هي هڪ تاريخي دستاويز به آهي، جيڪو اهڙي ته سادگي ۽ دلچسپيءَ سان لکيو ويو آهي جو پڙهندي پڙهندي خبر نه ٿي پوي.

ها پر چنگيزي ذاتي زندگيءَ ۽ پنهنجي خامين کي نه هئڻ برابر بيان ڪيو آهي. مشتاق چنگيزي ”نوري ڄام تماچي“ فلم جي شوٽنگ جا احوال به سربستا ڏنا آهن، جن ۾ خاص منڇر جي ريڪارڊنگ وارا. جتي کيس وڇون به ڏنگ هڻي ٿو ۽ گهوڙي تان ڪري زخمي ٿئي ٿو. ان بعد هن ”چانڊوڪي“ فلم جا احوال لکيا آهن. سليمان شاهه سان فائيٽ سين ۾ سليمان شاهه کيس سچ ۾ زور جو ٻک وجهي ٿو ۽ هُو بيهوش ٿي وڃي ٿو. ان فلم ۾ قربان جيلاني ولين آهي. ان ئي فلم ۾ خاور ڇوڪري جو نالو چڪوري رکيو ويو. سنڌي فلمن مان اردو ۽ پنجابي فلمن لاءِ به هيروئنون نڪتيون هيون. هن جي فلمن جي ڪري ڪاليج واري نوڪري به ختم ٿي. ڪراچي وڃي هو سنڌي فلمن جو سپر اسٽار ٿيو. چڪوري سان سندس افيئر به انتهائي دلچسپ آهي. ڳاڙهي بازار جي اداڪارا جي ماءُ سندن پيار ۾ رڪاوٽ هئي ۽ ٻنهي لڪي فلم شوٽنگ تان ڀڄي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي. اداڪارا شهزادي جي گهر ٻه هفتا لڪل رهيا.

ڪراچي ۾ فلمن جي زوال بعد ٻئي زال مڙس لاهور ويا، جتي چنگيزي سائيڊ ڪردارن ۾ ۽ چڪوري هيروئن ٿي ۽ چڪوري جي ماءُ ولين بڻجي سندس زندگي برباد ڪئي. هو سڀ ڪجهه لٽائي واپس حيدرآباد موٽيو. شاهه اسد سان ”جلال چانڊيو“، ”پرو“ ۽ ”شهيد“ جهڙين فلمن سان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيو ۽ سنڌي فلم وري سينما تي آئي. منصور بلوچ سان نفاق سبب هُن حيدرآباد اچي ريڊيو تي ڪم شروع ڪيو. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ”پرو“ فلم جو نالو ”ڏهيسر“ هو پر پوءِ مٽايو ويو. ”شهيد“ فلم جو نالو ”حر مجاهد“ هو پر ڪٿان دٻاءُ سبب تبديل ڪيو ويو. ” پڪار“ فلم جي ڊائريڪشن واري ڪهاڻي جو قصو به ڄڻ پاڻ هڪ فلم آهي، جنهن ۾ ڇوڪريون نه هجڻ سبب هُن ناچو ڇوڪرن کي عورتاڻي ميڪ اپ ۾ آڻي فلم ۾ ڪم ڪرايو. هن جي هي آتم ڪٿا 2006ع تائين آهي ۽ ان سال کيس صدارتي ايورڊ به مليو. هي آتم ڪٿا سنڌي فلمن جي عروج جي سببن کي به بيان ڪري ٿي. ان جي زوال جا ڪارڻ ۽ وچ ۾ وري اڀري اچڻ ۽ پوءِ مڪمل ختم ٿيڻ جي پوري ڪهاڻي بيان ڪري ٿي. نوٽن سان کيڏندڙ ۽ عروج ۾ رهندڙ بيمار ٿيڻ واري حالت بعد آخري صفحن ۾ لکي ٿو: ”…۽ دل جو مريض بڻجي خيراتي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جو کيل ڏسڻ لڳس.“ (ص: 158)

مجموعي طور هي آتم ڪهاڻي سيبتي انداز ۾سادگيءَ سان وڻندڙ ۽ دلچسپ لکي وئي آهي ۽ سنڌي هيرو جي ڪلا جو هڪ خوبصورت رنگين ۽ درد ڀريو داستان آهي، جيڪو ورائي ورائي پڙهي سگهجي ٿو. هن فلمي دنيا جو تجزيو به واه جو ڪيو آهي: ”هن دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ اصلي عشق اصل نه ڪجي. ڇو جو هي دنيا نقلي هوندي آهي.“ (ص: 46) چنگيزي سنڌي فلمن جي انهن هيروئنن جا نالا  به لکيا آهن جيڪي ”بازارِ حسن“ سان واسطو رکنديون هيون، جن ۾ مهه پاره، لالي، چڪوري وغيره شامل آهن. مشتاق چنگيزي جو چوڻ آهي ته مصطفى قريشي سڀ کان پهريائين سنڌي فلم ”پرديسي“ ۾ ڪم ڪيو پر هو ان جو ذڪر ناهي ڪندو. سچي ڳالهه اها آهي ته سنڌي فلمن جي شهزادي مشتاق چنگيزيءَ جي هن ڪتاب تي هڪ بهترين سوانحي فلم (Bio-Picture) ٺهي سگهي ٿي.