ڪارونجھر معاملي ۾ عوام جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو: وڏو وزير

0
394

مٺي (ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تھ سڀني کي خبر آهي ته ڪارونجهر تي ڪٽائي جون ليزز ڪنهن جي دور ۾ جاري ٿيون، سنڌ سرڪار ڪارونجهر مامري ۾ مقامي ماڻهن جي مفادن جو تحفظ ڪندي

 ٿر ڊزرٽ فيسٽيول جي معائني دوران وڏي وزير ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِٿر ڊزرٽ فيسٽيول سٺي شروعات آهي

ٽائيم نيوز تي ٻڌو ته ٿر واسين فيسٽيول کي مثبت موٽ ڏني آهي، سنڌ ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ سان معاشي ترقي ٿيندي، ڪوشش هوندي ته ٿر ڊزرٽ فيسٽيول ٿيندو رهي، ٻيا به ايوينٽ ڪرايا ويندا ته جيئن مقامي ماڻهن کي فائدو ملي

صحافين سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پنجاب ۾ وڪرو ٿيندڙ اٽو جانورن جي کائڻ جهڙو به نه آهي، ڀُوسو ڏئي اٽي جو اگهه وٺڻو آهي ته شايد اٽو سستو هوندو، پي ٽي آءِ وزيرن کي سنجيده نه وٺندا آهيون، ڪنهن جي خواهش تي گورنر راڄ نٿو لڳائي سگهجي

ھن چيو تھ تيل جا اگهه وڌائي عوام تي وڌيڪ بار وڌو ويو آهي، حڪومت آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي هلي ٿي، سليڪٽيڊ جي وڃڻ جو وقت اچڻ وارو هوندو آهي ته واڪ آئوٽ ۽ اختلافن جون خبرون اينديون آهن، مٺي ۾ ٿر ڊزرٽ فيسٽيول جي دوري دوران وڏي وزير چيو ته ٽنڊو ڄام ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوتگين جو نوٽيس ورتو اٿئون، اهلڪارن کي سزا ڏني آهي، وڌيڪ گرفتاريون جاري آهن

 

ھي به پڙھندا

بلاول ڀٽو پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ کي عوام جو معاشي قتل قرار ڏئي ڇڏيو