مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ مينهل جي وانڍ واسي 10سالن جو دانش جوڻيجو سکر لاڙڪاڻو روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ ٿڏي تي فوت ٿي ويو. لکي پوليس پهچي ٻارڙي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ،جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي نينگر وارثن سان گڏجي سکر کان واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته جهان خان بس اسٽاپ وٽ سندن گاڏي پنڪچر ٿي پئي، جنهن کي هو ٺهرائي رهيا هئا ته نينگر کي روڊ پار ڪندي وين ٽڪر هنيو.