ڪراچي: مرتضيٰ وهاب جي ايڊمنسٽريٽر بڻجڻ تي سياسي جماعتن جي حمايت ۽ مخالفت سامهون اچڻ لڳي، مهاجر قومي مومينٽ ( حقيقي) پاران مرتضيٰ وهاب کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مهاجر قومي مومينٽ جي سربراھ آفاق احمد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ڄائو مرتضيٰ وهاب شهر جو ايڊمنسٽريٽر بڻجي ٿو ته اسان اهڙي فيصلي کي ڀليڪار ڪنداسين، آفاق احمد وڌيڪ چيو ته اسان کي مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو پٽ آهي، سندس ايڊمنسٽريٽر بڻجڻ تي ڪو اعتراض ناهي.