ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ 46500 استادن جي ڀرتين لاءِ 5 لک بيروزگار نوجوانن درخواستون اماڻي ڇڏيون، پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتين لاءِ آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ آءِ بي اي سکر ذريعي ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان، امتحاني سينٽرن ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڪالهه تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ استادن جي ڀرتي، سينٽرن، اميدوارن جي بايوميٽرڪ حاضري، صاف شفاف نتيجن سميت ٻين معاملن تي تفصيل سان بحث ڪيو ويو. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته يونين ڪائونسل سطح تي پي ايس ٽي ۽ جي يو ايس ٽي جي 46،500 پوسٽن لاءِ 5 لک درخواستون وصول ٿيون آهن. استاد اميدوارن لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي ۾ جوڙيل سينٽرن جي مڪمل سي سي ٽي وي رڪارڊنگ ڪئي ويندي. ٽيسٽ کليل ميدانن ۾ ورتي ويندي، ان موقعي تي آءِ بي اي سکر جي وي سي سيد مير محمد شاهه چيو ته هن ڀيري ٽيسٽ ڊويزنل سطح تي ورتي ويندي. پهرين مرحلي ۾پي ايس ٽي ۽ ٻئي مرحلي ۾ جي ايس ٽي اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي ويندي. هن چيو ته هر اميدوار جي انفرادي جوابي شيٽ هوندي، جنهن تي سندس تصوير ۽ مڪمل معلومات اڳ ۾ ئي لکيل هوندي.  آءِ بي اي اختيارين ٻڌايو ته ٽيسٽ کانپوءِ اميدوار آءِ بي اي سکر جي ويب سائيٽ تي جوابي شيٽ جاچي سگھندا.