سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته مرتضيٰ وهاب کي ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ واري نان اشو کي اشو بڻايو پيو وڃي، مرتضيٰ وهاب ايماندار، پڙهيل لکيل، هوشيار ۽ اُردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهي. جيڪو شهيد ڀٽي جو حقيقي جيالو آهي، اها ئي ڳالهه شايد گورنر يا ڪجهه ٻين ماڻهن کي خراب لڳندي هُجي، جڏهن اها ڳالهه ميڊيا تي به اچي وئي آهي ته آئون سپورٽ ڪريان ٿو ته مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪراچي جي ماڻهن جي چڱي ريت خدمت ڪري، تنهن هوندي به ٻڌائيندو هلان ته في الحال اهڙو ڪو فيصلو ناهي ٿيو، جهڙي ريت پيش ڪيو پيو وڃي.