ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف ٻٽي شهريت بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. حليم عادل شيخ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 2013ع ۾ مراد علي شاهه کي ٻٽي شهريت لڪائڻ تي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو هو، نااهلي باوجود مراد علي شاهه ضمني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو، حقيقي لڪائڻ سبب مراد علي شاهه صادق ۽ امين ناهي رهيو، عدالت کي گذارش آهي ته مراد علي شاهه کي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت مستقل نااهل قرار ڏنو وڃي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مراد علي شاهه پنهنجي ٻٽي شهريت لڪائي، جنهن سبب سپريم ڪورٽ کيس پگهارون ۽ مراعتون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.