افغانستان کي پنهنجي حال تي نٿو ڇڏي سگهجي، دنيا کي حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي:وزيراعظم

0
278
ڪو به ايشين ٽائيگر مديني

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ افغانستان کي پنهنجي حال تي نٿو ڇڏي سگهجي، دنيا کي حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي.

وزير اعظم عمران خان  شنگهائي سهڪاري تنظيم جَي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تھ  پاڪستان جو افغانستان بابت موقف واضح آهي، افغان مسئلي جَي حل لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان دهشتگردي کي مذهب سان ڳنڍيو ويو آهي، خطو ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جانيون قربان ڪيون، پرامن افغان خطي لاءِ اهم آهي.