سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

دنيا جي سوچ ته تبديل ٿي رهي آهي، ماڻهو ڪنهن کي به ان جي گڻن کانسواءِ اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، هو مادي دنيا کي مادي حوالي سان ئي ڏسندا آهن پر اوڀر واري اسان جي معاشري ۾ اڃا ڪيتريون ئي روايتون اهڙيون آهن جن مان انسانيت جي اهميت ۽ ادارن جي حرمت جو احساس ٿيندو آهي. اسان وٽ عبادتگاهن (پوءِ چاهي مسلمانن جي مسجد هجي، مزار هجي يا خانقاهه هجي، عيسائيت جو گرجا گهر هجي، هندن جو مندر هجي)، تعليمي ادارن (اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، مدرسن، مشنرين، پاٺشالائن)، قبرستانن، مساڻن وغيره کي مقدس هنڌ جو مقام مليل آهي. انهن ادارن سان واڳيل ماڻهن کي به عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. مسجدن ۾ پيش امام، موذن، مدرسن ۾ معلم، چرچ ۾ پادري، مندر ۾ پنڊت جي جيڪا اهميت آهي ان جو ثبوت اهو آهي ته توڙي جو آزاد خيالي معاشري ۾ موجود آهي پر اڄ به مذهبي اڳواڻن جي ڳالهه تي اسان جي معاشري ۾ سڀ کان گهڻو اعتبار ڪيو ويندو آهي. مذهبي ادارن جو اڄ به معاشري تي ايترو اثر آهي جو هو ڪنهن به معاملي تي ماڻهن جو وڏو هجوم گڏ ڪري سگهن ٿا. پر اسان وٽ صدين کان هڪ ٻي روايت به آهي ته مذهبي ماڻهن پاران مذهب جي غلط استعمال جي سدائين مذمت به ڪئي وئي آهي. ان جو ثبوت اسان وٽ صوفين جي تعليم آهي. حافظ شيرازي، شيخ سعدي، مولانا رومي، منصور بن حلاج، رابعا بصري، بايزيد بسطامي، مجدد الف ثاني، شيخ عبدالقادر گيلاني، قلندر لعل شهباز، بابا بلهي شاهه، غلام فريد، داتا گنج بخش، ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، شاهه لطيف ڀٽائي، سامي، سچل سرمست ۽ ٻيا کوڙ سارا پنهنجي وقت جا وڏا دانشور ۽ اوليا ٿي گذريا آهن جن هر غلط انسان جي عام طور تي ۽ مذهبي طبقن جي خاص طور تي غلط ڪمن جي کليل نموني مذمت ڪئي آهي. اها ڳالهه ان جو به ثبوت آهي ته اسان جي معاشري ۾ مذهب ۽ ان جي مليل عهدن جو غلط استعمال عام ڳالهه آهي. مذهبي ادارن ۾ ويهي غيرانساني سلوڪ ڪرڻ خاص طور تي غلط آهي ڇاڪاڻ ته انهن ادارن ۽ اتي موجود ماڻهن جي معاشري ۾ تمام گهڻي اهميت هوندي آهي. جيڪڏهن انهن ادارن ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي عهدن ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪندا آهن ته ان جو اثر نه رڳو انهن جي ذات پر انهن ادارن ۽ مذهبن تي به پوندو آهي. ان سموري طبقي کي غلط ليکيو ويندو آهي حالانڪه اهو سڄو طبقو ان خرابي جو ذميوار ناهي هوندو. اسان وٽ ڪجهه سالن کان جنسي زيادتين جا واقعا مذهبي ادارن ۾ خاص طور تي وڌي ويا آهن. ڪو اهڙو ڏينهن نه هوندو آهي جڏهن ڪٿي ڪنهن ٻار، ڪنهن نوجوان، ڪنهن عورت سان ڪا زيادتي نه ٿيندي هجي. اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قانونسازي به ڪئي وئي آهي، موت جي سزا به مقرر ڪئي وئي آهي پر پوءِ به اهڙن واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. تازو ئي اهڙو واقعو لاهور جي هڪ مدرسي ۾ ٿيو آهي جتي هڪ شاگرد جنهن جي عمر 15 سالن جي لڳ ڀڳ هوندي ان سان پنهنجي ئي استاد پاران جنسي زيادتي ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن بعد ان استاد کي مدرسي جي انتظاميا نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، سندس پٽن کي به گهر اماڻي ڇڏيو. واقعي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار مفتي عزيزالرحمان کي پٽن سميت گرفتار به ڪيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جوابدار کي سزا ملي ۽ هو جيل هليو وڃي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهو مولوي سزا کان بچي وڃي، ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن ٻيا معاملا اچي ويندا ته هي واقعو سڀني کان وسري ويندو ۽ پوءِ اهو به ٿي سگهي ٿو ته متاثر نوجوان سان جوابدارن جو ٺاهه ٿي وڃي ۽ هو سزا کان بچي وڃن. اهو ئي اهڙن ڪيسن جو ڪلائميڪس هوندو آهي ۽ ائين انهن واقعن جا جوابدار سزائن کان بچي ويندا آهن.
مذهبي اسڪولن ۾ جنسي زيادتي جا واقعا ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيا آهن ۽ نه ئي ڪو اهي واقعا رڳو ڪنهن هڪ مذهب سان واڳيل آهن، گرجاگهرن ۽ مندرن ۾ به اهڙا واقعا هزارن جي تعداد ۾ ٿيا آهن، تازو ڪئناڊا مان گرجا گهر جي ڪنٽرول هيٺ قائم تعليمي ادارن مان 215 معصوم ٻارن جا مڙهه مليا آهن، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انهن ٻارن کي به جنسي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو ۽ هاڻ اتي احتجاج ڪيو پيو وڃي ۽ جوابدارن کي سزا ڏيڻ ۽ مذهبي ادارن جو احتساب ڪرڻ جا مطالبا پڻ ڪيا پيا وڃن، حالانڪه اهي مڙهه ڪيترائي ڏهاڪا پراڻا آهن. اهڙي طرح اسان وٽ به ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا آهن جتي استادن پنهنجي شاگردن کي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن واقعن کي روڪيو وڃي. پنهنجي ملڪ ۾ قانونسازي کانسواءِ مذهبي توڙي عام تعليمي ادارن ۾ اهڙن ماڻهن جي مقرري يقيني بڻائي وڃي جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ٻارن جو استحصال ڪندڙ نه هجن. ٻارن کي اڪيلائي ۾ استاد سان ملڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. اهڙو ڪو موقعو ئي نه هجي جنهن سان ٻارن جي جنسي استحصال جي راهه هموار ٿئي. ان کانسواءِ خود احتسابي ڏانهن مائل ڪندڙ نصاب پڻ جوڙڻ جي سخت ضرورت آهي. جڏهن ته اسان جو اهو به مطالبو آهي ته انهن وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي مثالي سزائون ملڻ گهرجن جيئن ڪو به ٻار استحصال جو شڪار نه ٿئي. قانون جي حڪمراني يقيني بڻائي وڃي. جڏهن ته معاشري جي هر طبقي کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته هو اهڙن واقعن تي خاموشي اختيار نه ڪري ڇاڪاڻ ته اهڙن جنسي بگهڙن کي معاشري ۾ ڇوٽ ڇڏيو ويو ته پوءِ ڪو به انهن کان محفوظ نه رهندو.