مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي جا نتيجا ڪهڙا اچي سگهن ٿا؟

نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو(نيب) يا قومي احتساب بيورو جو قيام جنرل پرويز مشرف طرفان وزيراعظم نوازشريف جي 12 آڪٽوبر 1999ع تي جمهوري حڪومت ختم ڪرڻ جي ٺيڪ هڪ مهينو چئن ڏينهن کان پوءِ هڪ صدارتي فرمان ذريعي 16 نومبر 1999 تي آندو ويو. جنرل پرويز مشرف به هن ملڪ جي پهرين وارن جنرلن جيان پنهنجي غير آئيني ۽ آمراڻي حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ جوڙيو هو. احتساب ڪرڻ لاءِ اهڙن ادارن کي رات پيٽ ۾ جنرلن جوڙي پاڻ کي تاحيات حڪمراني جا خواب پي ڏٺا آهن. قومي احتساب بيورو جيڪو اڄ کان 23 سال اڳ ملڪ مان بدعنواني، ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ فوجي آمر پرويز مشرف ٺاهيو هو، اهو اڄ پنهنجي پوري اهميت وڃائي چڪوآهي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس شيخ عظمت سعيد نيب جي پلي بارگين واري اختيار جي متعلق ورتل سيوموٽو (پاڻمرادو) نوٽيس جي سماعت دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب ملڪ جي بدعنوان عناصرن جو سهولت ڪار بڻيل آهي، جنهن ڪري بدعنواني ۽ ڪرپشن پاڙان پٽجي نه رهي آهي. ايستائين جو جاچ جي مرحلي دوران پلي بارگين ٿيڻ کانپوءِ تفتيشي آفيسر کي وصول ٿيل رقم جو 25 سيڪڙورقم انعام طور تي ڏني ويندي. جنهن کي به هڪ قسم جي قانوني رشوت طور سمجهڻ ۽ ان تي تمام گھڻي تنقيد ٿيڻ تي، پلي بارگين ڪرائيندڙ آفيسر کي ان ملندڙ رقم کي اهو نالو ڏئي جائز قرار ڏنو ويو ته هاڻي اها رقم ان تفتيشي آفيسر جي ٻارن جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ خرچ ڪئي ويندي.
جنهن جو هڪ مثال، بلوچستان جي جي سابق سيڪريٽري خزانا مشتاق احمد رئيساڻي تي 40 ارب روپيا قومي خزاني جا خردبرد ڪرڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي نيب طرفان کائنس 2 ارب روپيا وصول ڪري کيس آزاد ڪيو ويو، کيس سزا طور تي ڏهه سال سرڪاري نوڪري ڪرڻ کان نااهل ۽ بينڪ مان قرض نه کڻڻ جو حڪم ٻڌايوويو. آزاد ڪرڻ سان گڏ کيس عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏني. ياد رهي ته مشتاق رئيساڻي جي گھر تي ڇاپي دوران نيب کي 75 ڪروڙ روپيا روڪ ۽ ڏيڍ ڪلو سون پڻ مليو هو.
قومي احتساب بيورو 23 سا لن ۾ جاچ جي مرحلي دوران پوري ملڪ مان وائيٽ ڪالر ڪرائيم وارن ڪيسن مان ٽوٽل 714 ارب روپيا وصول ڪري سگھيو آهي. موجوده تحريڪ انصاف حڪومت جي دعويٰ آهي ته گذريل ٽن سالن 2018ع کان 2020ع ۾سندن حڪومت ۾ نيب 487 ارب روپيا وصول ڪيا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. جيڪا رقم سياستدانن، سرڪاري ڪامورن توڙي عام شهرين کان وصول ٿي آهي، جن اختيارن جو ناجائز استمال ڪري ڪٺي ڪئي هئي.
ٽن سالن جي انهن وصولين ۾ سڀ کان وڌيڪ رقم نيب جي راولپنڊي ريجن مان 290 ارب روپيا وصول ڪيا ويا. ڪراچي ريجن مان 93 ارب روپيا، لاهور ريجن مان 72 ارب روپيا، سکر ريجن مان 26 ارب روپيا، ملتان ريجن مان 4 ارب روپيا، بلوچستان صوبي مان1.17 ارب روپيا. جڏهن ته حڪمران پارٽي جي پنهنجي صوبي خيبرپختونخواه مان وائيٽ ڪالر ڏوهن جي ڪيسن مان صرف 70 ڪروڙ روپيا وصول ٿي سگهيا آهن.
نيب جي آفيشل انگن اکرن مطابق ته سڀ کان وڌيڪ وصولي ڏيندڙ راولپنڊي ريجن ۾ ٽن سالن ۾ ڪل 21 هزار 71 شڪايتون موصول ٿيون، سڀني شڪايتن جو جائزو وٺي اڪلايون ويون. 6 سو 92 ريفرنس داخل ڪيا ويا. هن وقت ڪابه شڪايت هلندڙ نه آهي. ٻئي نمبر تي وائيٽ ڪالر ڏوهن جي ڪيسن ۾ پيسا وصول ڪندڙ ڪراچي ريجن جتي 28 هزار 4 سو 25 شڪايتون موصول ٿيون، 104 ريفرنس داخل ٿيا، سڀئي شڪايتون نمٽايون ويون. هن وقت ڪابه شڪايت رهيل نه آهي. لاهور ريجن کي ٽوٽل 29 هزار2 سو 42 شڪايتون مليون، انهن مان 757 شڪايتن تي هن وقت به ڪيس هلي رهيا آهن. انهن شڪايتن تي 167 ريفرنس داخل ڪيا ويا. ملتان ريجن کي 13 هزار 286 شڪايتون مليون، 315 ريفرنس داخل ٿيا. هن وقت 165 ريفرنس تي ڪاروائي جاري آهي. بلوچستان پوري صوبي ۾ ٽن سالن ۾ صرف 25 سو شڪايتون نيب کي وصول ٿيون جن مان 54 ريفرنس داخل ڪيا ويا سڀ جون سڀ درخواستون نمٽايون ويون. سکر ريجن جتي ٽن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ 75 هزار 9 سو86 شڪايتون وصول ٿيون 333 ريفرنس داخل ٿيا سڀني شڪايتن کي نمٽايو ويو. خيبرپختونخواه پوري صوبي ۾ جتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي اتي ٽن سالن ۾ نيب کي ٽوٽل 12 هزار6 سو 27 شڪايتون موصول ٿيون،58 ريفرنس داخل ٿيا جتي هن وقت به 307 شڪايتن تي ڪاروائي پينڊنگ ۾ آهي. انصاف ۽ احتساب جي دعويٰ ڪندڙ حڪومت پنهنجي صوبي مان وائيٽ ڪالر ڏوهن جي مد ۾ صرف 70 ڪروڙ روپيا اوڳاڙي سگھي آهي، اهي به اطلاع آهن ته قومي احتساب بيورو خيبرپختونخواه کي وڌيڪ ڪاروايون ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. ٻئي طرف جعلي اڪائونٽ ڪيسن ۾ نيب کي هن وقت تائين 23.85 ارب روپيا وصول ٿي سگھيا آهن.
ٻئي طرف دنيا جي مختلف ملڪن بابت سروي رپورٽون تيار ڪندڙ ڪمپني، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل طرفان بدعنوانين بابت مختلف ملڪن بابت جاري ڪيل رپورٽ مطابق گذريل سال پاڪستان ۾ ڪرپشن چار درجا وڌي وئي آهي، 2019ع جو پاڪستان ڪرپشن انڊيڪس 120 هو، 2020ع ۾ 124 ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جيڪو پاڻ ماضي ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽن جا مثال ڏيندوهو اهو هاڻي انهن رپورٽن کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اها دعويٰ ته هنن گذريل ٽن سالن ۾ 487 ارب روپيا وصول ڪيا آهن، سندن احتساب وارو بيانيو هاڻي پنهنجي اهميت وڃائي چڪو آهي. جنهن جو هڪڙو مثال گذريل ٽن سالن ۾ صوبي خيبر پختونخواه نيب جي طرفان هلندڙ ڪيسن جي جانچ جو رڪجي وڃڻ، حڪمران پارٽي جي مکيه اڳواڻن تي نيب جي ڪيسن داخل هجڻ باوجود مٿن ڪابه ڪاروائي نه ٿيڻ، عملي طور تي صوبي ڪي پي ۾ قومي احتساب بيوروجي طرفان ڪوبه ايڪشن نه وٺڻ جهڙا عمل نيب جي اداري جي ساک تي ڪيترائي سوال اٿارين ٿا ته نيب کي صرف حڪومت مخالف پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.