15 جون 2021ع تي پنهنجي اخبار ۾ محترم ادريس راجپوت جو مضمون “سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت” ڇپيو آهي. محترم ادريس راجپوت سنڌ جو واحد انجنيئر آهي جيڪو ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ جو پاڻي ڪيس اخبارن ذريعي وڙهندو رهيو آهي ۽ پاڻ سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ، خاص ڪري ڪالا باغ ڊيم جي خلاف ايترا ته مضمون لکيا، جو هن جا يارهن ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن. پر هوءَ ڪجهه وقت کان سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي فائدي ۾ لکي رهيو آهي. سنڌو درياهه تي موجوده صورتحال ۾ صرف 3 اهڙا هنڌ آهن جتي ڊيم ٺهي سگهي ٿو. هڪ ڪالاباغ ٻيو ڪٽزارا ۽ ٽيون ڀاشا. ادريس صاحب ڪالاباغ ڊيم جي خلاف لکندو رهيو آهي. ڪٽزارا ڊيم دفاعي ۽ تجارتي نقطه نگاهه کان ناقابل عمل لڳي ٿو، باقي ڀاشا وارو هنڌ بچي ٿو، جنهن جي حمايت ۾ هوءَ مسلسل لکي رهيو آهي. محترم ادريس صاحب جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون خاص ڪري پاڻي واري مامري تي وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن سان اختلاف ته ڪري سگهجي ٿو، پر هن جي نيت تي شڪ نٿو ڪري سگهجي. هن جي ڳالهه کي سو سيڪڙو رد به نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي سو سيڪڙو قبول ڪري سگهجي ٿو. هن جي ڳالهه تي غور ڪرڻ کان پهرين مسئلي جو پس منظر سمجهڻ ضروري آهي. سنڌ پنجاب پاڻي مامرو ڏيڍ صدي پراڻو آهي، انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان ٺهڻ کان پهرين ۽ پوءِ ڪافي ڪوششون ڪيون ويون، جيڪي رڪارڊ تي موجود آهن. پر پنجاب مٿين ڀر واري ڌر هئڻ ڪري هميشه ڪنهن به ٺاهه تي عمل ڪرڻ کان لنوائيندو رهيو آهي ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۽ هوءَ 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي پڻ عمل ڪرڻ  لاءِ تيار نه آهي.نه صرف ايترو پر ارسا ۾ پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ ارسا کان فيصلو ڪرائي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کي کوٽ کان آجو قرار ڏنو ويو آھي. جڏهن ته ارسا ايڪٽ 1992ع هيٺ ٺاهه ۾ ترميم ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آھي. انهيءَ جو فائدو وٺندي پنجاب انهن صوبن سان ملي ارسا ۾ من پسند فيصلا ڪرائيندو رهيو آ هي. ٽه رخي فارمولي هيٺ پاڻي ورهاست انهيءَ جو ثبوت آھي. صوبن کي کوٽ کان آجو قرار ڏيڻ جتي 1991ع واري ٺاهه جي شق 14جي خلاف ورزي آھي اتي سڄي کوٽ سنڌ کي برداشت ڪرڻي پوي ٿي.   انهيءَ سڄي عمل جي پويان هڪ سوچ ۽ هڪ نفسيات ڪم ڪري ٿي. پنجاب جو سياستدان، آفيسر شاهي يا سرمائيدار سڀ کان پهرين پنجابي آهي ۽ پوءِ ٻيو ڪجهه. انهيءِ سوچ هيٺ هوءَ سنڌ سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، پر ورهاڱي کانپوءِ اوڀر پنجاب سان ٺاهه ڪري ٽي درياهه انهن کي ڏئي ڇڏيا. پاڻي جي تاريخ جي ڪتابن مان اها ڳالهه اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته اوڀر پنجاب وفد جو اڳواڻ مسٽر کوسلا پاڻي ورڇ جي ڳالهه ڪندو رهيو، پر اسان وارن همراهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ 1960ع ۾ آخر 3 درياهه ڏئي سنڌوءَ تي حملي آور ٿيا. انهيءَ موقعي تي هڪ چوڻي ورجايان ٿو. چون ٿا ته جڏهن هي ڪائنات خلقي پئي وئي ته مختلف ماڻهن کي انهن جي روزي جو حصو ڏئي هيٺ دنيا ڏانهن روانو ڪيو پئي ويو، آخر ۾ هڪ شخص بچيو، اتي ملائڪن عرض ڪيو ته هن شخص جي لاءِ روزي اڻپوري آهي، انهيءَ ڪري هن کي هيٺ نه موڪليو وڃي، اتي انهيءَ همراهه رڙ ڪري چيو ته جيڪي آهي مون کي ڏيو ۽ هيٺ موڪليو باقي هيٺ وڃي کوٽ آئون پاڻهي پوري ڪندس. پنجاب به ان تي عمل ڪندي 3 درياهه اوڀر پنجاب کي ڏئي سنڌوءَ جي پاڻي تي اچي قبضو ڪيو ۽ سنڌو درياهه جي جسم ۾ وڏا ڀالا يعني لنڪ ڪئنال ٽنبي ڇڏيا، جنهن جي ذريعي سنڌو درياهه جو پاڻي کڻي، راوي ۽ ستلج درياهه تي آباد ٿيندڙ زمينن کي آباد ڪيو پيو وڃي. اهو سڀ ڪم ون يونٽ جي دور ۾ ٿيو. ون يونٽ کان پهرين هندستان سان ڳالهيون ڪندڙ وفد ۾ ملڪ جي سڀني صوبن ۽ رياستن جي نمائندگي هئي، پر ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ اها ڪاميٽي ٽوڙي نئين ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن جا رڪن سڀ پنجاب سان تعلق رکندڙ هئا. 1960ع واري ٺاهه تحت ڪم ڪرائڻ لاءِ ٺاهيل “انڊس بيسن ايڊوائزري بورڊ” جا اٺئي ميمبر پنجابي هئا حالانڪ ان وقت واپڊا جو چيف انجنيئر (واٽر) سنڌي هو، پر ان کي ان بورڊ ۾ نه کنيو ويو. هن پس منظر ۾ ادريس صاحب خود به پريشان آهي ۽ لکي ٿو ته “هڪ طرف پنجاب 1991ع واري ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته وري ٻئي طرف پنجاب ۽ ارسا وارا منگلا مان سنڌ کي پاڻي نٿا ڏين، انهيءَ ڪري اسانکي يعني سنڌ وارن کي ڀاشا ڊيم قبول ڪرڻ گهرجي.”   بي وسي جي انتها آهي جو هڪ ملڪ ۾ رهندي اسانکي ٻئي درجي جو شهري سمجھيو وڃي ٿو ۽ اسان کي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته ڦاهي قبول ڪيون يا عمر قيد. اسان ڦاهي يعني سنڌو تي نئون ڊيم قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. باقي عمر قيد يعني پاڻي کوٽ تي گذارو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پر اها ڳالھه سمجھي ڇڏڻ گھرجي جنهن ڏينهن سنڌ جي ماڻهن ۾ پهرين سنڌي ۽ پوءِ ٻيو سڀ ڪجھه واري سوچ اڀري ته پوءِ حالتون ضابطي مان نڪري سگھن ٿيون. انهي کان پهرين جو اهڙيون حالتون پيدا ٿين بهتر آھي ته ڀائپي واري ماحول کي برقرار رکندي پاڻي مسئلي جو حل ڳوليو وڃي، جنهن تحت سنڌودرياهه سسٽم ۾ ايندڙ پاڻي جا صحيح انگ اکر ڏنا وڃن ۽ 1991ع واري پاڻي ٺاھ جي شق 2 تحت هيٺ پاڻي جي ورهاست ڪئي وڃي. سنڌ جي حصي ۾ ايندڙ کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سائنسي بنيادن تي اپاءُ وٺڻ گھرجن جن جو ذڪر ادريس صاحب پڻ  پنهنجي مذڪوره مضمون ۾ ذڪر ڪيوآهي ته “پاڻي کي ڪنهن نموني بچائڻ جنهن ۾ واٽرن کي پڪو ڪرڻ، ننڍين شاخن کي پڪو ڪرڻ ۽ زمين کي ليول ڪرڻ ۽ ڊرپ ۽ اسپرنڪل شامل آهن”. 
اسان ڀاشا ڊيم جي خلاف ڇو آهيون؛- 
ڪجھه وقت اڳ ۾ موجوده مرڪزي سرڪار پاڻي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اٽارني جنرل آف پاڪستان کي ذميداري سونپي هئي. هن پنهنجي رپورٽ ۾ پاڻي مسئلي جو حل 1991ع واري پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 2 هيٺ پاڻي ورهاست ڄاڻايو. پنجاب اها رپورٽ اهو چئي رد ڪري ڇڏي ته جيئن ته 1991ع واري ٺاهه ۾ 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ورهايل آهي، ۽ هن وقت سسٽم ۾ پاڻي صرف 102.5 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، انهي ڪري جيسين پاڻي117.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي موجود نه هوندو ته هوءَ 1991ع واري ٺاھ جي شق 2 تحت پاڻي ورهاست قبول نه ڪندو. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته پنجاب مطابق سسٽم ۾ 15 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي کوٽ آهي. ڇا ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان اها کوٽ پوري ٿي ويندي، جڏهن ته ڀاشا ڊيم صرف 6.2 ملين ايڪڙ فوٽ جي گنجائش رکي ٿو. ٻئي طرف مشرف دور ۾ ٺاهيل “پاڻي مسئلي جي حل لاءِ فني ڪاميٽي” پنهنجي رپورٽ ۾ انڊس رور سسٽم ۾ واڌو پاڻي ڪاٽو 0.25 ملين ايڪڙ فوٽ ڄاڻايو آهي. جيڪڏهن اسان فني ڪاميٽي جي رپورٽ کي به هڪ پاسي رکي ڇڏيون، پوءِ به پنجاب جو مطالبو پورو ڪرڻ لاءِ 9.0 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪٿان آڻيون جو پنجاب 1991 واري ٺاهه تي عمل ڪري. جڏهن ته انڊس ڊيلٽا لاءِ 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي به نٿو ملي. انهيءَ حساب سان 1991ع واري ٺاھه تي عمل ڪرڻ لاءِ اسان کي 23.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کپي جيڪو نا ممڪن آهي. اها حقيقت آهي ته ڀاشا ڊيم  هڪ متبادل ڊيم آھي ۽ان مان  ڪوبه واھه نڪري نه سگھندو، پر وزير اعظم جي خاص صلاحڪار جي بيان مطابق جيڪو ڊان اخبار۾ ڇپيو هو ته ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان ملڪ کي 3600 ميگاواٽ بجلي ملندي ۽ ان سان گڏ 12 لک ايڪڙ نئين زمين آباد ٿيندي. اها زمين منهنجي خيال ۾ اها ئي آهي جنهنجي لاءِ ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو پئي ويو. ڀاشا ڊيم ٺھڻ ۾ 15 کان 20 سال لڳندا ۽ ان وقت تائين تربيلا لٽجي چڪو هوندو. ايئن پاڻي ذخيري ۾ ڪوبه اضافو نه ٿيندو ۽ پنجاب وري به 1991ع واري ٺاهه جي شق 2 هيٺ پاڻي ورهاست کان نابري واريندو. بد اعتمادي واري انهيءَ فضا ۾ ڪيترا به ڊيم ٺاهيو، پر مسئلو حل نه ٿيندو. مسئلي جو حل جيئن آئون مٿي لکي چڪو آهيان ته 1991ع واري ٺاهه تي من وعن عمل ڪرڻ ۽ کوٽ کي گڏجي منهن ڏيڻ  ۾ آهي.