ٽيڪساس(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ ڊاڪٽر 78 سيڪنڊن ۾ انساني ڄنگهه جون سمورين هڏين کي ترتيب ڏئي گنيز عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٺوٺ ۽ گوڏي جي سرجنز لاءِ منعقد ٿيندڙ هڪ سالياني تقريب ۾ انساني ڄنگهه جي 30 هڏين کي گهٽ وقت ۾ ترتيب ڏيڻ جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ 113 ماڻهن حصو ورتو. آمريڪي رياست نيوجرسي جي شهر ڪيمڊن ۾ قائم ڪُوپر يونيورسٽي هيلٿ ڪيئر جي ڊاڪٽر عليسينا شاهي 78 سيڪنڊن ۾ اهڙو ڪانامو انجام ڏيندي مقابلو کٽيو ۽ عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءِ ڪيو. هن جو چوڻ هو ته اها هڪ انتهائي پُرلطف سرگرمي هئي جنهن ۾ پنهنجي صلاحيتون ڏيکاريندي نيڪ مقصد لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو. ان مقابلي سان هڪ ميڊيڪل اداري آپريشن واڪ لاءِ 5000 ڊالرز گڏ ڪيا هئا. اهو ادارو ضرورت مندن جا جوڙ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندڙ سرجريز معاوضي کان بغير ڪندو آهي.