فلوريڊا (انٽرسٽنگ نيوز) هڪ 18 فوٽ ڊگهي برمي ارڙ بلا 5 فوٽ جي واڳونءَ کي زنده ڳهي وئي، جنهن کي ارڙ بلا جو پيٽ چيري ڪڍيو ويو. اهڙو حيران ڪندڙ واقعو آمريڪا ۾ پيش آيو آهي. آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ پيش ايندڙ اهڙي واقعي کي سوشل ميڊيا واهپيدارن سان گڏ ماهرن کي به حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي رپورٽ موجب فلوريڊا ۾ سائنسدانن جي هڪ ٽيم ليب ۾ 18 فوٽ ڊگهي برمي ارڙ بلا جي پيٽ مان 5 فوٽ ڊگهو واڳونءَ کي ڪڍي ورتو، سوشل ميڊيا تي دستياب وڊيو ڪلپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روزي مور ۽ هن جي سائنسدانن جي ٽيم فلوريڊا جي هڪ ليب ۾ ارڙ بلا جي پيٽ ۾ موجود واڳونءَ کي آهستي آهستي ڇڪي رهي آهي. مور ڊيلي ميل کي ٻڌايو ته ارڙ بلا کي ايورگليڊس نيشنل پارڪ ۾ فيلڊ ورڪرن ڏٺو هو، جيستائين سائنسدانن چڱي طرح جائزو ۽ پوسٽم مارٽم نه ڪري ورتو تيستائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته هن جي پيٽ ۾ ڪهڙي مخلوق آهي. ڊاڪٽر پاڻ به ارڙ بلا جي پيٽ مان واڳون نڪرڻ تي حيران آهن.