هوائي(م ڊ) آمريڪا جي بچاءُ واري واري وزير لائيڊ آسٽن چيو آهي ته ايندڙ جنگ مام گهڻي مختلف هوندي، مستقبل جي حالتن کي في الحال بيان نه ٿو ڪري سگهجي فوج سائبر ۽ اسپيس خطرن جو اندازو لڳائي جديد ٽيڪنيڪل ۽ ڊجيٽل ايجادن کي به دفاعي معاملن ۾ ڀرپور انداز ۾ شامل ڪيو وڃي. نئين دور جي فوجي ضرورتن ۾ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ڪمپيوٽر جي جديد مهارت جو استعمال به شامل آهي. دفاعي جواب جي رفتار به انتهاهي تيز هوندي. هن چيو ته هاڻ ان تاثر ۾ رهڻ درست ناهي ته آمريڪا دنيا جي سڀ کان باصلاحيت فوج رکي ٿو جڏهن ته مخالف طاقتون پنهنجي طاقت کي وڌائي رهيون آهن. انڊوپيسفڪ ڪمان جي عهدو ڇڏيندڙ ڪمانڊر ايڊمرل ڊيوڊسن چيو ته انڊوپيسفڪ طي ۾ چين پنهنجي خطرناڪ ارادن سان آمريڪي غلبي کي چئلينج ڪري رهيو آهي.