حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حسين آباد واري علائقي ۾ نائٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ تان رانديگرن ۽ علائقي واسين ۾ ڇڪتاڻ بعد جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي ٻن ڄڻن کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته رات جي وقت نوجوانن ڪرڪيٽ راند پئي ڪئي ته علائقي واسين کين راند کان روڪيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي کي گٿا لفظ ڳالهايا. ان دوران ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيو. جهيڙي دوران بيٽون ۽ وڪيٽون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 3 ڄڻا معمولي زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته زخمين جي فرياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو آهي. جتي ڌرين لکت ۾ ڏنو ته هو ٻيهر جهيڙي جي اڳرائي نه ڪندا جنهن بعد گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو ويو آهي.