محرابپور (رپورٽ : محسن ملاح ) محرابپور جي وارڊ نمبر 16 نيو ٽائون واسي اٽڪل 20 ورهين جو نوجوان محمد آصف پٽ يامين ملڪ ٻه ڏهاڙا اڳ پراسرار نموني لاپتا ٿي ويو هو جنهن جو لاش اڄ محرابپور ويجهو ڳوڌو شاخ جي فردو موري وٽان هٿ آيو. لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ رورل هيلٿ سينٽر جي مرده خاني منتقل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي فوتي نوجوان جا وارث ۽ ملڪ برادري جا ماڻهو اسپتال پهتا جنهن بعد فوتي نوجوان جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. ان حوالي سان فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته محمد آصف فرنيچر جي دڪان تي ڪم ڪندو هو گذريل جمعي جي رات دڪان تان اهو چئي ويو ته شهر ڏانهن ٿي واپس اچان ٿو، پر ان بعد هن جو ڪوبه ڏس پتو نه پيو، اسان هن جي گهڻي ڳولا ڪئي ۽ اڄ اسان کي لاش جو اطلاع مليو. هنن چيو ته اسان غريب پورهيت آهيون ۽ ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي. فوتي نوجوان جي پيءُ يامين ملڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان جي جسم تي تشدد جا نشان آهن خدشو آهي ته پٽ کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي طور تي واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، هر رخ کان جاچ ڪيون پيا. هنن چيو ته جنهن وقت نوجوان جا وارث ايندا ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن نوجوان جي مڙھ جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس وارثن پاران محرابپور ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا اسان جو احتجاج جاري رهندو. مظاهرين سان ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او محرابپور ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، جنهن بعد نوجوان جي مڙهه کي گهر نيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. هوڏانهن نوجوان جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته ابتدائي طور تي ڪجهه به نه ٿا ٻڌائي سگهون، مڙهه جا ورتل جزا نوابشاهه يا روهڙي ليبارٽري ڏانهن سومر ڏهاڙي تائين اماڻيا ويندا، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو.