مورو(ن پ ا) مورو شھر جي دستگير ڪالوني مان ٻه ڏينھن اڳ گم ٿي ويل نوجوان شمشاد راجپوت راوتياڻي چيڪ پوسٽ وٽ بيھوشي جي حالت ۾ ھٿ سانگھڙ اسپتال نيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو جنھن جو اطلاع وارثن کي ڏنو ويو جيڪي پھچي لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد کڻائي مورو پھتا. ان موقعي تي وارثن جو چوڻ ھو ته نوجوان شمشاد عرف پپو راجپوت جو دماغي توازن درست نه رھندو ھو ۽ اڪثر گھران نڪري ويندو ھو وري ڳولا ڪري واپس گھر کڻي ايندا ھئاسين، اچانڪ لاپتا ٿي ويو اڄ لاش مليو آھي، جڏھن ته سنجھوري پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان درگاھ چن بادشاهه کان پيدل ھڪ پنڪچر جي دوڪان جي سامھون ڪري پيو، جتان پوليس سانگھڙ اسپتال نيو پئي ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. وارث پھچي لاش کڻي ويا آھن.