اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وفاقي حڪومت خلاف جارحاڻي حڪمت عملي کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڪارڪنن کي عام چونڊن جي تياري جون  هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن

اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، فواد چوڌري، پرويز خٽڪ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت خلاف جارحاڻي حڪمت عملي کي تيز ڪيو ويندو

ذريعن موجب پنجاب کانپوءِ هاڻ عمران خان جو ايندڙ هدف وفاقي حڪومت هوندي، ان حوالي سان عمران خان پارٽي اڳواڻن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس وفاقي حڪومت کي هدف بڻائڻ ۽ اسلام آباد ۾ تبديلي وارن آپشنز تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته حڪمران اتحاد ۾ شامل  جماعتن ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ بلوچستان عوامي پارٽي سان رابطا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

عمران خان پارٽي اڳواڻن کان مختلف معاملن تي تجويزون به ورتيون ۽ پارٽي اڳواڻن کي عام چونڊن جي تياري جي هدايت ڪئي جڏهن ته پارٽي اڳواڻن کي وفاقي حڪومت خلاف جارحاڻي حڪمت عملي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون ويون، اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته چورن جي ٽولي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو

عوام جاڳي پيو آهي، ڪنهن جي ڳالهين ۾ نه ايندو، قوم کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير ڪوڙو آهي ۽ ڪير سچو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب سچ جو ساٿ ڏنو، قوم کي اڳتي جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪندس. هن چيو ته پنجاب جي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ  وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وفاقي حڪومت خلاف جارحاڻي حڪمت عملي کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڪارڪنن کي عام چونڊن جي تياري جون  هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، فواد چوڌري، پرويز خٽڪ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت خلاف جارحاڻي حڪمت عملي کي تيز ڪيو ويندو. ذريعن موجب پنجاب کانپوءِ هاڻ عمران خان جو ايندڙ هدف وفاقي حڪومت هوندي

ان حوالي سان عمران خان پارٽي اڳواڻن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس وفاقي حڪومت کي هدف بڻائڻ ۽ اسلام آباد ۾ تبديلي وارن آپشنز تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته حڪمران اتحاد ۾ شامل  جماعتن ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ بلوچستان عوامي پارٽي سان رابطا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، عمران خان پارٽي اڳواڻن کان مختلف معاملن تي تجويزون به ورتيون ۽ پارٽي اڳواڻن کي عام چونڊن جي تياري جي هدايت ڪئي جڏهن ته پارٽي اڳواڻن کي وفاقي حڪومت خلاف جارحاڻي حڪمت عملي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون ويون

اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته چورن جي ٽولي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، عوام جاڳي پيو آهي، ڪنهن جي ڳالهين ۾ نه ايندو، قوم کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير ڪوڙو آهي ۽ ڪير سچو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب سچ جو ساٿ ڏنو، قوم کي اڳتي جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪندس. هن چيو ته پنجاب جي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ  وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي