اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي پنجاب ۾ داخلا بند  ٿي ته اها گورنر راڄ جي شروعات هوندي. اسلام آباد ۾ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سياسي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي آهي، ڪالهه واري عدالتي فيصلي کانپوءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪو بحث ٿي رهيو آهي، اُها افسوس جوڳو آهي، پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن، جن سان اهڙي گفتگو کي ڊيگهه ملندي آهي. هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو خط پڙهو، اهو خطرناڪ آهي، جيڪڏهن اهڙي فضا معتبر ادارن ۾ آهي ته اسان تباهي جي ڪناري تي بيٺا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته منهنجي پنجاب ۾ داخلا بند ٿيڻ بابت خبرون اچي رهيون آهن پر جيڪڏهن پنجاب ۾ منهنجي داخلا بند ٿي ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ گهڻائي جواز موجود آهن، گورنر راڄ جي سمري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ نواز ليگ جو فيصلو هو ته عام چونڊن ڏانهن وڃون، اتحادين سان صلاح مشوري بعد حڪومت ڪرڻ جو ڏکيو فيصلو ڪيو. رانا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف جلد ڏيهه واپس ايندو ۽ نواز ليگ جي چونڊ مهم هلائيندو.