مادري ٻولي ۾ تعليم ڇو ۽ ڇاجي لاءِ؟

0
852
پاڻيءَ-جا-ماڻ،-ماپ،-مقدار-۽-خيرپورناٿن

دنيا جي هڪ عظيم ليڊر ۽ ڏاهي نيلسن منڊيلا جي مشهور چوڻي آهي ته ”اوهان ڪنهن سان ان ٻولي ۾ ڳالهايو ٿا جيڪا هو سمجھي ٿو، سا ڳالهه سندس دماغ تائين پهچي ٿي ۽ جيڪڏهن ان سان سندس مادري ٻوليءَ ۾ مخاطب ٿيو ٿا ته اُها هُن جي دل تائين وڃي رسي ٿي.“ مادري زبان اُها ٻولي آهي جيڪا ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ٻُڌي ٿو. آمريڪا جي مشهور تعليمدان هُريسا گورسين (Hurisa Guvercin) جي تحقيق مطابق، مادري ٻولي انسان جي دل ۽ دماغ جي ٻولي آهي، هو لکي ٿي ته ”اسان جي شخصيت، ڪردار، شرم، گڻ، اوگڻ، هنر، صلاحيتون ۽ اسان ۾ لڪل خصوصيتون اسان جي مادري ٻولي سان لاڳاپيل آهن. جيئن ماءُ، ٻولي اسان جي ڪن تي پوي ٿي ته اسان جو دل ۽ دماغ ان جي معنيٰ سمجهي ٿا وٺن. ان سان اسان کي آٿت، اعتماد ۽ ڀروسو ملي ٿو.“ فن لينڊ جي ماهر لسانيات ۽ تعليم دان محترمه اسڪٽنب ڪئنگس (Skutnabb – Kangas) مادري ٻولي جي وصف چئن ڪسوٽين تي ڪري ٿي:
بنياد (Origin) اُها ٻولي جيڪو ڪوبه انسان سڀ کان پهريان سِکي ۽ سمجھي ٿو.
سڃاڻپ (Identification) جنهن ٻولي سان ڪير پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. (جيئن آئون سنڌي آهيان) ۽ ٻيا به هُن کي ان ٻولي جي حوالي سان سڃاڻن ٿا.
قابليت (Competence) اُها ٻولي جنهن کي ڪوبه شخص بهتر نموني ڄاڻي ٿو.
ڪِرت (Function) اُها ٻولي جنهن جو استعمال ڪوبه انسان وڌ ۾ وڌ ڪري ٿو.
آدمشماري هجي، نوڪري، علم هجي، سياسي سماجي، ادبي، تاريخي ۽ معاشي پهلو هجن، اسان کي مادري ٻولي جو تعلق هر جڳهه تي نظر ايندو. ٻار جي شخصي ۽ نفسياتي واڌ ويجهه پنهنجي امڙ جي آواز سان ٿئي ٿي. دنيا کي سمجھڻ، فرق ڏسڻ ۽ جانچڻ جا گُر ٻار پنهنجي مادري ٻولي جي گونج ۾ ئي سکي ٿو. اٽلي جي جڳ مشهور الڪٽرو فزيولاجي پروفيسر ايلس پرووربيو (Alice Mado Proverbio) چوي ٿي ته ”اسان جا خواب، سوچون ۽ احساس سڀ ماءُ جي ٻولي ۾ هوندا آهن“. ثقافت ۽ تهذيب جو مادري زبان سان گھرو تعلق آهي. جيڪي ٻار پنهنجي ٻولي کان پري هجن ٿا سي پنهنجي ثقافت ۽ تاريخ کان اڻ واقف رهجيو وڃن ۽ سندن شخصي اعتماد متاثر ٿئي ٿو.
مادري ٻولي ۾ تعليم ۽ تاريخي پسمنظر:
پاڪستان جي 1973ع جي آئين جو آرٽيڪل 251 چئي ٿو ته
پاڪستان جي قومي ٻولي اردو آهي.
پاڪستان ۾ انگريزي دفتري زبان طور استعمال ڪري سگھجي ٿي. جيسين ان جي جاءِ تي اردو لاءِ سڀ انتظام ڪيا وڃن.
پاڪستان قومي ٻولي کانسواءِ (بنا قومي ٻولي سان بُغض رکندي) صوبائي اسيمبلي قانوني طور تي قومي ٻولي سان گڏ ڪنهن به صوبائي ٻولي جي واڌويجھ ۽ تعليم لاءِ استعمال ڪرڻ جو بندوبست ڪري سگھي ٿي.
آئين ۾ 18هين ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي مضمون آهي. اڄ تائين مرڪزي تعليمي وزارت، محترم بئريسٽر ضمير گھمرو مطابق غيرآئيني آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ساڳيو نصاب نافذ ڪرڻ پڻ غيرآئيني آهي. تاريخي طور تي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ انگريزي ٻولي جي سرڪاري بيهڪ کي اردو للڪاريو، ڇو جو اردو کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو. جيتوڻيڪ اردو جا ڳالهائيندڙ پاڪستان ۾ 7 کان 8 سيڪڙو هئا_ پروفيسر ڊاڪٽر طارق رحمٰن مطابق ان عمل کانپوءِ اردو کي پاڪستان ۾ رهندڙ قوميتن (بنگالي، پشتون، سنڌي ۽ بلوچ) چيلينج ڪيو. جيڪڏهن تعداد جي لحاظ کان ڏسجي ته بنگالي ۽ ان کانپوءِ پنجابي سڀ کان وڌيڪ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون هيون_ پنجاب کي جڏهن انگريزن فتح ڪيو۽ مهاراجه رنجيت سنگهه جي حڪمراني ختم ٿي، ان وقت به (انگريزن کان پهريان) پنجاب ۾ دفتري ٻولي پنجابي نه هئي. پنجابي اشرافيه (elite) پنجابي جي بجاءِ اردو کي ترجيح ڏني. تحقيتون ٻڌائين ٿيون ته ان وقت پنجابي ڳالهائڻ يا استعمال ڪرڻ تي اُتان جي ماڻهن گھٽ تهذيب يافته هجڻ جي احساس ڪمتري ۾ مبتلا هئا يا وري ڪنهن سياسي محرڪ جي ڪري (جنهن ۾قومي يڪجھتي ۽ ون يونٽ کي فعال رکڻ وارا عمل به ٿي سگھن ٿا) ان اشرافيه اردو کي اپنايو. ڊاڪٽر رحمٰن چواڻي هنن اِهو پڻ چاهيو ٿي ته ٻيا صوبا پڻ ان ڳالهه جي پوئواري ڪن. جيتوڻيڪ 1973ع جو آئين ٺهڻ کانپوءِ 15 سالن ۾ ملڪ جي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي مڪمل طرح سان اردو ٿيڻي هئي. پر انگريزي اڄ تائين وڏن ۽ طاقتور ماڻهن، پاڪستاني اشرافيه سان نينهن نڀائيندي اچي (يا کڻي چئجي ته سڌي ۽ اڻ سڌي طرح حڪمران اشرافيه ان کي بلڪل ڇڏڻ نه ٿي چاهي).
ڊاڪٽر طارق رحمٰن پنهنجي اهم تحقيق ۾ لکن ٿا ته پاڪستاني اشرافيه مٿاهين ڪلاسن ۾ وڃڻ ۽ اتي ٽِڪڻ لاءِ انگريزي کي هڪ ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو. عام خلق جي مقابلي ۾ ان طبقي جي انگريزي تائين پهچ ۽ مهارت انهن لاءِ نوڪرين، ڪارپوريٽ سيڪٽر، عالمي ادارن ٻين اهم/ طاقتور ادارن جا دروازا کولي ڇڏيا. باقي پاڪستان مان ڪو اُڙيو ٿڙيو انهن دروازن تائين پهچي سگهيو. ڪنهن خاص ٻولي (انگريزي) جي پهچ جي ڪري ان اشرافيه جي سماجي ۽ سياسي سگهه مضبوط ٿيندي رهي آهي. جيڪڏهن پوين چئن ڏهاڪن جو جائزو وٺنداسين ته پاڪستان ۾ غريبن ۽ اميرن جي تعليم، ادارا، يونيورسٽيون ۽ اسڪول جدا جدا ٿي پيا آهن. ان عجيب ڪشمڪش ۾ مادري ٻوليون ۽ غريب غُربي جي تعليم ۽ ان سان لاڳاپيل موقعا بنهه وائڙا ٿي پيا آهن.
مادري ٻولي ۾ بنيادي تعليم ڇو هجي؟
دنيا ۾ ٿيندڙ تحقيقون، تجربا ۽ مشاهدا اسان کي ٻڌائيندا رهيا آهن ته ٻار لاءِ شروعاتي تعليم لاءِ سڀ کان بهترين ذريعو سندس مادري ٻولي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ جڏهن بهتر ڊگري ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾ پڙهڻ تمام اهم آهي. ان گھڻ ٻولي(Bi/Multilingual) تعليم لاءِ مادري ٻولي ۾ تعليم گهڻي اهم ٿي پئي آهي. لسانيات جي ماهر، ٽورنٽو يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ محقق جِم ڪمنس (Jim Cummins) مطابق: (1) ڪنهن به ٻار جي پنهنجي مادري ٻولي ۾ صلاحيت هجڻ جي ڪري ان ٻار کي ٻي ٻولي (جيئن سنڌي کانپوءِ انگريزي يا اردو) سکڻ جي صلاحيت وڌي ٿي وڃي. پنهنجي ٻولي ۾ ڀڙ ھجڻ، ٻارن کي ٻين ٻولين ۾ ڀڙ ٿيڻ لاءِ عقلي دروازا کولي ٿو. (2) ڪنهن به ٻار جي مادري ٻولي کي سندس اسڪول ۾ رَد ڪرڻ حقيقت ۾ ان ٻار کي رد ڪرڻ جي برابر آهي. (3) ٻار جو ثقافتي ۽ لساني تجربو جيڪو هو شروعات ۾ حاصل ڪري ٿو، هن جي مستقبل جي تعليمي معيار ۽ ڪاميابي لاءِ بنياد جو ڪم ڪري ٿو. (4) پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائڻ ۽ ان ۾ پڙهڻ سان ٻار کي عزت نفس، اعتماد ۽ مثبت فخر جو احساس ٿئي ٿو. سيوَدي چلڊرين (Save the Children) ۽ يونيسڪو (UNESCO) جي ڪيل تحقيق مطابق جڏهن پرائمري تعليم ٻار کي پنهنجي مادري زبان ۾ نه ٿي ڏني وڃي ته ان جي نتيجي ۾ لکين ٻار اسڪول مان بي دخل ٿيو وڃن (ڇو جو هنن جي سمجھ، سوچ ۽ اٿ ويهه کان مختلف ٻولي هنن کي ڪچو ۽ دفاعي ڪريو ڇڏي). تعليمي تحقيق جيڪا ڳالهه ٻڌائي ٿي اُها اسان جي اُنهي وسوسي کي رد ڪري ٿي ته “ ابوهه! جيڪڏهن اسان ٻار کي شروعاتي تعليم انگريزي ميڊيم ۾ نه ڏني ته اسانجي ٻار جو مستقبل اونداهو آهي!” . جيتوڻيڪ رياستي طور جيڪو متڀيد وارو تعليمي نظام قائم ٿيل آهي، ان جو فائدو پاڪستاني اشرافيه ئي وٺي پئي. پر جيڪڏهن مادري ٻولي ۾ بهتر پرائمري تعليم ڏجي ۽ ان کانپوءِ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪولن جي فرق کي گھٽائي، پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم کي بهتر ڪجي تہ عام ماڻهن جي ٻارن جي پهچ معياري تعليم تائين ڪري سگھجي ٿي.
پاڪستان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ ٻار (جن جون عمرون 5 کان 16 سالن جي وچ ۾ آهن) اسڪول کان ٻاهر آهن. سنڌ ۾ 52 کان 60 سيڪڙو غريب ٻار اسڪول تائين پُهچ کان وانجھيل آهن! اهڙي صورتحال ۾ جيڪا دنيا جي معتبر ادارن اسان جي حوالي سان تحقيق ڪئي آهي، ان کي ڪجھ نه ڪجهه مان ڏيڻو پوندو.
1. پهريان ڇهه سال ٻار کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم ۽ سکيا ڏيو ۽ پوءِ وري هوري هوري ٻين ٻولين سان روشناس ڪرايو.
2. اهڙي تعليمي پاليسي جُڙيل هجي جنهن جي نتيجي ۾ مادري ٻولي ۾ شروعاتي تعليم کي فوقيت ڏني وڃي.
3. استادن ۾ اِها صلاحيت هجي ته هو جن ٻارن کي پاڙهين ٿا، ان جي مادري ٻولي ۾ ڀڙ ھجن جيئن معياري تعليم ڏئي سگھن. ان عمل سان هو ٻارن کي ٻي ٻولي سمجھائي سگهندا .( يعني پهريان پنج درجا سنڌي ۾چڱي ريت پڙھايا وڃن (سنڌين کي سنڌي ۾، اردو ڳالهائيندڙن کي اردو ۾ …) ۽ پوءِ جڏهن انگريزي پڙهڻ شروع ڪندو ته ان ٻار جي صلاحيت، فهم ۽ ادراڪ گهڻو بهتر هوندو.
4. صوبائي سطح تي جيڪي علائقا تعليم ۾ پُٺتي آهن، انهن تي ڌيان ڏنو وڃي.
5. تعليمي نصاب ٻارن جي مادري زبان کي ذهن ۾ رکي ٺاهيو وڃي ان سان گڏ استادن جي تربيت ۽ سکيا جو مضبوط نظام هجڻ کپي.
تحقيق ۽ تجربا ٻڌائين ٿا ته دنيا جي خاص ڪري ترقي پذير ملڪن جي ڪروڙين ٻارن لاءِ مادري ٻولي ۾ تعليم هڪ اهڙو موقعو آهي جنهن جي بنياد تي معياري تعليم ۽ بهتر زندگي جا دروازا کلي سگهن ٿا.
(هي مضمون لکڻ جو مقصد، سنڌ جي لسانيات ۽ تعليمي ماهرن کي دعوت ڏيڻ آهي ته هو عام سنڌ لاءِ ان موضوع تي طبع آزمائي ڪن. مهرباني)