ڀارت ۾ طالبان جي حمايت جي الزام ھيٺ 14 ڄڻا گرفتار

0
361
مٽياري: سي ٽي ڊي پاران

ڪراچي(م ڊ) ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي طالبان جي حمايت ڪرڻ جي الزام ۾ 14 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پرڏيهي خابرو اداري (بي بي سي) موجب طالبان جي حمايت ڪرڻ تي ڀارتي رياست آسام جي 11 ضلعن ۾ پوليس 14 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ماڻهو سوشل ميڊيا تي افغانستان تي طالبان جي قبضي جي حمايت ڪئي هئي. ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ آل انڊيا يونائيٽڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي ليڊر فضل ڪريم قاسمي، تيزپور ميڊيڪل ڪالجي جو ايم بي بي ايس شاگرد ۽ آسام پوليس جو هڪ ڪانسٽيبل به شامل آهي.

ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪندڙن ۾ ڪجهه ماڻهن سڌي ريت طالبان جي حمايت جو اظهار ڪيو هو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا تي طالبان جي حمايت نه ڪرڻ تي تنقيد ڪئي هئي.