گهڻ قومي ملڪ ۽ يڪسان قومي نصاب

0
626
پنجاب گهوٽالو ۽ راڄوڻي فيصلا

ملڪ جي ٻن صوبن ۾ يڪسان قومي نصاب جو پهريون مرحلو پنجين درجي تائين نافذ ٿي چڪو آهي، جنهن تحت ٽن مرحلن ۾ پهرئين کان ٻارهين ڪلاس تائين شاگردن کي هڪ جهڙو ڪورس ۽ ڪتاب پڙهايا ويندا. اهي ڪتاب مدرسن، سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ هڪ جهڙا هوندا جيئن ”هڪ جهڙي“ سوچ پئدا ٿئي. دراصل ان جو 60 سيڪڙو 2006ع جي مشرفي نصاب تي ٻڌل آهي، جنهن کي ان وقت مدرسن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. تنهن وقت مدرسن جي طالبن کي مک قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ دهشتگردي کي ٻنجو ڏيڻ لاء اهو نصاب متعارف ڪرايوويو هو. هاڻي يڪسيان نصاب ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ پڙهايو ويندو. ارڙهين ترميم تحت سنڌ ان کي بجا طور مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ بلوچستان به في الحال تياري نه هجڻ جو بهانو ڏئي انکي هن سال نافذ ڪرڻ کان نابري واري آهي. ارڙهين ترميم بعد تعليم صوبائي اسم آهي وفاقي سرڪار نئين نصاب کي فقط اسلام آباد ۽ وفاق جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ نافذ ڪري سگهي ٿي. صوبن لاءِ يڪسان نصاب آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي.
موجوده وفاقي سرڪار ان جو مک سبب انگريزيءَ جي غلامي کان نجات، مدرسن جي طالبن کي مک قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ طبقاتي تعليمي نظام ختم ڪري ملڪي سطح تي ”هڪ“ قومي سوچ پئدا ڪرڻ ٻڌايو آهي. اهي بيان ڪيل مک مقصد غلط مفروضن تي ٻڌل آهن ۽ اها ئي ”هڪ سوچ“ ۽ ”هڪ قوم“ پيدا ڪرڻ جي مرڪزي حڪمرانن جي ڪوڙي جستجو آهي جنهن مني صديء ۾ پاڪستاني عوام کي هڪ ٿيڻ کان پري رکيو آهي. ون يونٽ نافذ ڪرڻ، امپورٽيڊ %8 اقليت جي زبان کي رسم الخط مٽائي مسلمان ڪري هندي مان اردو بنائي ان کي قومي زبان قرار ڏيڻ جا تجربا ۽ انهن جا نتيجا اڳي ئي بنگلاديش جي صورت ۾ سڀني جي سامهون آهن. نئين نصاب ۾ به اردو کي پهرين کان پنجين درجي تائين لازمي مضمون طور پڙهايو ويندو ۽ سنڌي ۽ ٻين قومي زبانن پڙهائڻ جو ڪو ذڪر ناهي. پاڪستان گهڻ قومي، گهڻين ٻولين، ثقافتن، مذهبن، علائقن ۽ تاريخن جو ديس آهي. انهن سڀني کي مٽائي مشيني طور هڪ ڪرڻ سان اڳي به خراب نتيجا نڪتا هئا ۽ آئينده به ساڳيا تجربا ڪرڻ سان ساڳيا نتيجا نڪرندا. جي سمورو ملڪ هڪ ڪرڻو آهي ته پوءِ سڄي ملڪ کي سياسي، سماجي، معاشي توڙي ثقافتي ميدان ۾ هڪ جهڙا موقعا ڏنا وڃن.
جڏهن کان تحريڪ انصاف جي موجوده سرڪار آئي آهي تڏهن کان پاڪستان عملي طور ٻن حصن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. هڪ اتريون ترقي يافتا اڌ جتي موٽروي، ميٽرو، اورينج ٽرين، ميڊيڪل انشورنس ۽ سي پيڪ جا منصوبا جاري آهن جڏهن ته ٻئي پاسي ڏاکڻو اڌ جتي مني بسون، ٽٽل روڊ، بيروزگاري، غربت ۽ ٻاهرين آبادڪاري عام آهي. ڏاکڻين حصي جي آمدني اترين حصي تي خرچ ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ جتان ملڪي آمدني، گيس جو مک حصو گڏ ٿئي ٿو اتي اتان جي آبادي توڙي اين ايف سي موجب کين حصو نٿو ڏنو وڃي. وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ٿو وڃي ۽ نه فقط ايترو پر عدالتن توڙي وفاقي ادارن ۾ ٽيھه سال اڳ ڀرتي ڪيل ملازمن کي برطرف ڪيو ٿو وڃي، جن مان ڪيترائي ريٽائر يا فوت به ٿي چڪا آهن. سندن پروموشن رد ڪيا پيا وڃن ۽ ماضي ۾ کين مليل رعايتون واپس وصول ڪرڻ جا حڪم ڏنا پيا وڃن. سنڌ کي نقصان ڏيڻ لاء روز ڪي نه ڪي نوان شوشا ڇڏيا پيا وڃن. ڪڏهن بنگالين جي ڇڏيل زمين کي ڦٻائڻ لاءِ متروڪا قانونن جي صوبائي اسم جي پنهنجي مفاد موجب غلط تشريح ڪرڻ، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ، سنڌ جي گيس بند ڪرڻ، پبلڪ سروس ڪميشن کي بند ڪرڻ، آئين ۾ ڏنل واضح تشريح باوجود سنڌي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ ۾ پڪي جج مقرر ڪرڻ کان انڪار ان فرق جا تازا مثال آهن جيڪي هم آهنگي کي ٽوڙين ٿا. ٻيو ته ڇڏيو هن دفعي يوم پاڪستان جي موقعي تي سرڪاري ادارن جيڪي اشتهار ٽي وي تي هلايا انهن ۾ روائتي طور نظر ايندڙ سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي لباس به نظر نه آيا.
ماهر چون ٿا ته نئين يڪسان نظام ۾ مذهبي تعليم جو حصو پهرين جي مقابلي ۾ وڌائي چئوڻ تي ڪيو ويوآهي ۽ ٻارن کي ڪيتريون آيتون ۽ صورتون رٽڻ لاء چيل آهي جنهن سان ٻارن ۾ رٽڻ جي ڪلچر کي فروغ ملندو. ان کان سواء چوٿين درجي تائين اٽڪل چوٿون حصو نصاب مذهبي تعليم جو آهي جيڪو غيرمسلمن کي به پڙهايو ويندو. آئين جي آرٽيڪل22 تحت ڪنهن شاگرد کي اهڙي مذهبي تعليم پڙهڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي جنهن جو واسطو سندس مذهب سان ناهي. ڪجهه ماهر چون ٿا ان سان نه فقط آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي پر خدشو آهي ته عام اسڪولن ۾ به مدرسن واري سوچ پيدا ٿيندي. نئين نصاب جي ڪتابن تي نظر ڊوڙائبي ته ان ۾ ڏنل تصويرون ۽ لباس به ان سوچ جون عڪاس آهن. مثالطور جنرل ناليج جي ڪتاب جي سرورق تي خاندان جي تصوير ڏنل آهي جنهن ۾ پيء کي ڏاڙهي آهي ۽ پٽ پيء جي هنج تي آهي جڏهن ته ڌيء صوفي تي ويٺل آهي .اهڙي طرح انگلش جي ڪتاب جي سرورق تي پيء پٽ کي صوفي تي ويٺل ۽ ماء ڌيء کي پٽ تي ويهاري ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. جنهن سان جنسي مت ڀيد کي وڌيڪ هٿي ملندي.
فزڪس جي ماهر ڊاڪٽر پرويز هوڌڀائي جو چوڻ آهي ته مدرسن ۽ اسڪولن ۾ تعليم جي مقصد ۾ بنيادي فرق آهي. مدرسا طالبن کي اڳئين جهان جي تياري ڪرائين ٿا جڏهن ته اسڪول شاگردن کي هن جهان جي. ان ڪري ٻنهي کي ملائڻ مناسب نه ٿيندو. ماهر اهو به چون ٿا ته ڪچڙي عمر ۾ ٻارن کي رٽائڻ سان سندن سوچ ۾ يڪسانيت پيدا ٿيندي جنهن سان سندن تخليقي صلاحيتن کي نقصان ٿيندو. آئين موجب والدين کي پنهنجي پسند موجب ڪنهن اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهجي. ملڪ ۾ بورڊن تحت هلندڙ ميٽرڪ ۽ برطانوي GCSE نظام تحت هلندڙ اي ۽ او ليول ۾ به وڏو فرق آهي. نئين نظام تحت بجا طور تي اي ۽ او ليول کي ڇيڙيو نه ويو آهي. ڪجھه والدين جن جا ٻار اٺين درجي ۾ پڙهي رهيا آهن تن جڏهن نئون نصاب ڏٺو ته کين حيرت ٿي ته جيڪي ڳالهيون سندن ٻار پراڻي نصاب تحت ٻئي درجي ۾ پڙهندا هئا، اهي نئين نصاب هيٺ سندن ٻارن کي اٺين درجي ۾ پڙهايون وينديون. جنهن سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو نصاب کين ڪيتري حد تائين پوئتي ڌڪي ڇڏيندو.
ملڪ ۾ مدرسي ۾ پڙهندڙ ٻارن جو تعداد اسڪولن ۾ پڙهندڙن جي ڏهين حصي برابر آهي. ضرورت ان جي آهي ته مدرسي جي ٿورائي کي مک قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاء سندن نصاب کي تبديل ڪري کين اڳتي آندو وڃي، ان بجاء 90 سيڪڙو اڪثريت کي پوئتي ڌڪڻ سان مسئلا وڌيڪ پيچيده ٿيندا.
هن وقت جيترا ٻار اسڪولن ۾ داخل آهن اوترا ئي اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪي مختلف سببن سڀ پڙهن ڪونه پيا. مادري ٻولين کي نئين نصاب ۾ شامل نه ڪرڻ سان انهن ٻارن کي اسڪول ۾ هڪ نئين ٻولي وسيلي پڙهائڻ سان نه فقط داخل ڪرڻ ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اينديون پر ٻار جي سمجھه، تخليقي صلاحيتون ۽ ذهني واڌ به پوئتي رهجي وينديون. انگريزي به هڪ عالمي ٻولي بنجي چڪي آهي جنهن کي نه سکڻ سان نوجوان عام ڌارا کان ڪٽجي ويندو. اها ڳالھه به سمجهڻ گهرجي ته انگريزي ٻولي ۾ رومن، يوناني، جرمن، فرينچ، هندي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ ڪثرت سان شامل آهن جيڪي هاڻي ان ۾ ضم ٿي چڪا آهن. سائنس، ميڊيڪل، قانون جي مک تعليم ۽ انٽرنيٽ تي ملندڙ علم جو هڪ وڏو خزانو انگريزي ۾ مفت ۾ ملي ٿئي ٿو. انهن جي اهميت کان انڪار ڪرڻ سان ٻارن کي اٺ پکي ته بڻائي سگهجي ٿو جيڪو پنهجو منهن واري ۾ لڪائي مطمئن رهي پر دنيا جي نت نون مسئلن جن ۾ آبادي جي واڌ، غربت، ماحوليات جو خراب ٿيڻ، ڪورونا ۽ ٻين وبائن جو جنم شامل آهي کي حل ڪرڻ ۽ نوان حل ڪڍڻ شامل آهي ممڪن نه رهندو.
جديد زماني ۾ بنيادي تعليم جو مک مقصد ٻارن اندر لکڻ پڙهڻ ڳالهائڻ کان سواء تخليقي صلاحيت پيدا ڪرڻ آهي جيئن هو پنهنجي سماج جو ڪارگر حصو ٿي سگهن ۽ پنهنجو مثبت ڪردارادا ڪري سگهن. اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن سندس دماغ کي وڌڻ کان روڪڻ لاء سندن دماغ جي چوڌاري يڪسان قومي نصاب جهڙا لوهي پٽا ٻڌي دولا شاھ جا ڪوئا پئدا ڪرڻ بجاء سندن ذهنن کي کليل نموني وڌڻ ويجهڻ ۽ پنهنجي اردگرد دنيا، ڌرتي، زندگي، انسان ۽ سماج جي شروعات متعلق سوال پڇڻ جو حق ڏنو وڃي. دنيا جي نت نون مسئلن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، ان ڪري انهن مسئلن جي حل لاء نئين سوچ ويچار جي ضرورت آهي جنهن لاء ضروري آهي ته ٻارن جي تخليقي صلاحيتن کي اجاگرڪيو وڃي. پاڪستان گهڻ رخو ۽ گهڻ رنگو آهي. ان کي تسليم ڪري ان کي همٿايو وڃي.
اها ملڪ جي مضبوطي آهي نڪي ڪمزوري. ان کي هٿرادو طور هڪ ڪرڻ ائين ٿيندو جيئن انڊلٺ جي ستن رنگن کي ملائي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جنهن سان سواء ڪاري رنگ جي ٻيو ڪو رنگ نه ٺهندو جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن جي آئيندي کي اونداهون ڪري ڇڏيندو. هم آهنگي ڀانت ڀانت جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ سان ئي ملي سگهي ٿي نڪي انکي ڪنهن بهاني نظرانداز ڪرڻ سان.