ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ارجنٽائن سان واسطو رکندڙ عالمي شهرت يافته اسٽار فٽبال ليونل ميسي پنهنجا تاريخي جوتا نيلام ڪري ڇڏيا آهن. ليونل ميسي ريال ويلاڊوڊ خلاف کيڏيل ميچ ۾ انهن جوتن سان بارسلونا لاءِ 644هون گول ڪيو هو. فٽبال اسٽار جا جوتا 2 ڪروڙ 65 لک 70 هزار رپين ۾ نيلام ٿيا. ليونل ميسي نيلامي جي رقم بارسلونا جي هڪ اسپتال جي هيلٿ پراجيڪٽ ۾ استعمال لاءِ ڏئي ڇڏي آهي.