ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ملڪ جي پهرين وزيراعظم نواب لياقت علي خان جي فرزند اڪبر علي خان جي آغا خان اسپتال ۽ ڪڊني سينٽر ۾ علاج جو سمورو خرچ ڀرڻ ۽کيس ماهوار 2 لک رپيا الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه اڪبر علي خان جي گهرواري جي درخواست تي علاج توڙي مالي سهڪار جي منظوري ڏني، درخواست ۾ اڪبر علي خان جي گهرواري جو چوڻ هو ته اڪبر علي خان جو هفتي ۾ 3 ڀيرا ڪڊني سينٽر ۾ ڊئلاسز ٿيندو آهي، جنهن تي هڪ لک 5 هزار خرچ اچي ٿو، جڏهن ته مختلف ڊاڪٽرن پاران ٿيندڙ چڪاس ۽ ليبارٽريز جي ٽيسٽن تي 30 هزار ڏيڻا پون ٿا، ڏينهن رات ٽهل ٽڪور لاءِ رکيل اٽينڊنٽ کي پڻ 40 هزار ماهوار ڏيون ٿا، اسان جي جمع پونجي بينڪ ۾ ڊپازٽ ٿيل آهي، جنهن جي وياج مان گهر جو خرچ هلائيندا آهيون، جڏهن ته اسان جو گهر پڻ منهنجي مائٽن پاران ڏنل آهي، هن وقت منهنجون 2 ڌيئرون پنهنجي والد جي علاج جو خرچ ڀري رهيون آهن، سنڌ سرڪار مدد ڪري.