اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جهانگير ترين گروپ جي ايم پي اي نذير چوهان جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل جج نذير چوهان جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. شهزاد اڪبر نذير چوهان خلاف ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي. نذير 14 آگسٽ تائين جوڊيشل رمانڊ تي آهي، ان گذريل ڏينهن شهزاد اڪبر بابت تڪرار بيان تي معافي به ورتي هئي.