لاهور(م ڊ) پنجاب جي جيلن ۾ قيد عورتن سان لڄالٽ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيل جا آفيسر به عورتن سان لڄالٽ ڪندا آهن. جرمن ميڊيا جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي هڪ قيدياڻي جي وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قيدياڻين جو جنسي استحصال ڪيو پيو وڃي. قيدياڻين کي اعليٰ آفيسرن جي جنسي هوس مٽائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، هن هڪ سينئر پوليس آفيسر جو نالو کڻي ٻڌايو ته قيدياڻين کي ان جي سامهون پيش ڪيو ويندو آهي، وزيراعظم عمران خان فوري طور تي ان صورتحال جو نوٽيس وٺي. ان باري ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اها وڊيو هڪ سال پراڻي آهي ۽ وڊيو ٺاهيندڙ ۽ جاري ڪندڙن جو پتو پئجي ناهي سگهيو. آءِ جي جيل شاهد سليم جو چوڻ آهي ته اها وڊيو پوليس کي بدنام ڪرڻ لاءِ اپلوڊ ڪئي وئي، اپلوڊ ڪندڙ جو پتو پئجي ناهي سگهيو. وڊيو ۾ لڳايل الزام ڪوڙا آهن، جنهن جيل جو ذڪر ڪيو ويو آهي اتي عورتن جو سيڪشن آهي ئي ڪونه. ان باري ۾ پ پ اڳواڻ شهزادي ڪوثر گيلاني جو چوڻ آهي ته قيدياڻين جو جنسي استحصال ٿيندو آهي، 21 سال اڳ به خوبصورت قيدياڻين کي آفيسرن آڏو پيش ڪيو ويندو هو ان جي بدلي کين جيل ۾ رعايتون ڏنيون وينديون هيون. عورت پوليس اهلڪار به ان ۾ ملوث هونديون آهن.