ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ ڦر: مزاحمت تي اهلڪار شهيد، واٽهڙو ٻارڙو زخمي، ان ڏس ۾گذريل رات ديرسان لياري جي بغدادي ٿاڻي جي حد ۾ نيا آباد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 25 ورهين جي عبدالمعيذ خان پٽ خورشيد احمد کي قتل ڪري ڇڏيو ، پوليس موجب مارجي ويل اهلڪار ايس پي سٽي جو ڊرائيور هو، نيا آباد جي مير محمد روڊ تي هٿياربندن کانئس ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، معيذ مزاحمت ڪندي پنهنجو هٿيار ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هٿياربندن کيس گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ سبب 6 ورهين جو ٻالڪ ابوبڪر زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، مقتول اهلڪار جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي واسين موجب معيذ خان چئن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو، جيڪو 2017 ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، ٻئي پاسي مارجي ويل اهلڪار معيذ خان جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪواٽر گارڊن ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ اهلڪارن جي والدين شرڪت ڪئي.