سکر (بيورو رپورٽ) شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مسئلن جي ور چڙھيل، سلوٽا ۽ ملازم تنظيمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ الڳ الڳ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار  ۽ ذميوارن خلاف نعريبازي ڪئي وئي. تفصيل موجب شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسئيشن (سلوٽا) ۽ ملازم يونين طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ الڳ الڳ احتجاجي ريليون ڪڍيون ايڊمن بلاڪ آڏو مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. سلوٽا اڳواڻ اختيار علي گھمرو، حسام الدين شيخ، آغا ناديه پٺاڻ، احمد علي ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته استادن جا جائز مطالبا تسليم ڪرڻ بدران يونيورسٽي انتظاميا مسلسل ڪن لاٽار ڪندي رهي آهي. ھنن يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته فوري طور يونيورسٽي جي استادن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سلوٽا پاران احتجاجي مظاهرن جو دائرو وڌايو ويندو. ھوڏانھن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ يونيورسٽي اندر احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي وئي. يونين جي صدر قلندر بخش بوزدار ۽ ٻين چيو ته لطيف يونيورسٽي جو رجسٽرار مريد حسين ابوپوٽو ملازمن جي جائز مسئلن جي حل ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. ٻئي طرف شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي عهديدارن ۽ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس اينڊ لينگويجز ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ مشوري ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ ٻنهي گروپن وائيس چانسلر ڏانهن ڌار ڌار شڪايتي خط اماڻي ڇڏيا آهن، خط ملڻ بعد وائيس چانسلر جي حڪم تي رجسٽرار، شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي سلوٽا جي عهديدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ مشوري وائيس چانسلر کي استادن ۽ انتظاميا وچ ۾ پيدا ٿيل تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ آفيشل خط لکي الزام مڙهيو آهي ته آئون پنهنجي آفيس ۾ هڪ اهم ميٽنگ ڪري رهيو هئس ته يونيورسٽي جي استادن جو هڪ گروپ پروفيسر ڊاڪٽر اختيار علي گهمرو، حسام الدين شيخ، ڊاڪٽر مجيب ابڙو، پروفيسر علي احمد ميمڻ، ڊاڪٽر سراج سومرو، ڊاڪٽر واحد بخش جتوئي، ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ، ڊاڪٽر لياقت چانڊيو، ڊاڪٽر سجاد علي رئيسي، ڊاڪٽر تسليم عالم ابڙو، ڊاڪٽر خادم ميمڻ، ڊاڪٽر آغا ناديه، ڊاڪٽر رحيم بخش سومرو، ڊاڪٽر عرفان ميراڻي، ڊاڪٽر عنايت الله سومرو، ماريه ميتلو ۽ ٻيا زبردستي منهنجي آفيس ۾ گهڙي آيا ۽ مون سان جارحاڻو رويو اختيار ڪيو. مون تي زور ڀريو ته مان پنهنجي آفيس ڇڏي وڃان، هو آفيس کي تالو لڳائيندا. مون مٿان شخصي طور تي امڪاني حملي ڪرڻ ۽ حراسان ڪرڻ جي ڪوشش جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري ڪيو وڃي. خط بعد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حڪمن تي رجسٽرار آفيس مان شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڏانهن هڪ ليٽر جاري ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته ذڪر ڪيل پروفيسرن جي گروپ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. هوڏانهن سلوٽا اڳواڻن ڊين فيڪلٽي آف آرٽس اينڊ لينگويجز ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ مشوري خلاف لابنگ قائم ڪرڻ جو الزام مڙهيندي وائيس چانسلر کي خط لکيو آهي.