ٺري ميرواھ (رپورٽ: محمد علي شر) ٺري مير واھ ٽائون ڪاميٽي جون پولنگ يوسي ۽ ٻين وارڊن ۾ منتقل ٿيڻ خلاف آزاد اميدوارن جي سڏ تي شٽربند ھڙتال، ناڪا چوڪ تي ٽائرن کي  باھ ڏئي ڌرڻو، آر او ٺري مير واھ خلاف سخت نعريبازي. تفصيل موجب ٺري ميرواھ ٽائون ڪاميٽي جي آزاد اميدوارن جي حامين پاران ٽائون جون پولنگون تبديل ٿيڻ واري عمل خلاف شھر ۾ شٽربند هڙتال ڪرائڻ بعد ناڪا چوڪ تي ٽائرن کي باھ ڏئي ڪامران جوڳي، عدنان جوڳي، مسعود جوڳي ۽ شاهد جوڳي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ۽ آر او ٺري ميرواھ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ٺري مير واھ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 2 جي پولنگ يونين ڪائونسل حسين بخش دستي ۽ وارڊ نمبر 6 جي پولنگ وارڊ نمبر 1 ۾ رکي ڌانڌلي جي شروعات ڪري ڇڏي آھي. هنن چيو ته ان کان اڳ ائين ڪڏھن به ناهي ٿيو جو ٽائون جي پولنگ يونين ڪائونسل ۽ هڪ وارڊ جي پولنگ ٻئي وارڊ ۾ منتقل ڪئي وئي هجي، اهو عمل اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي کليل ڀڃڪڙي آهي جيڪڏھن پولنگون ٻئي هنڌ منتقل ڪيون ويون ته اليڪشن ڏھاڙي رتوڇاڻ ٿي سگهي ٿي، جنهن جي ذميوار انتظاميا هوندي. هنن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته تبديل ڪيل پولنگون واپس ساڳئي هنڌ منعقد ڪري رينجرز جي نگراني ۾ چونڊ ڪرائي وڃي. ان سلسلي ۾ رٽرننگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرواھ عبدالباسط هڪڙو جو چوڻ هو ته اسان پولنگون تبديل نه ڪيون آهن، مٿان کان پولنگ تبديل ٿيون آھن، معاملي جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي.