جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن کي اغوا ڪرائي زبردستي دستبردار ڪرائڻ جو انڪشاف

0
210

جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن کي حڪمران جماعت جي اميدوارن پاران اغوا ڪرائي دستبردار ڪرائڻ جو انڪشاف، ڊي آر او تي ڌر هئڻ جا الزام، اليڪشن ڪميشن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

خبر موجب جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن کي حڪمران جماعت جي اميدوارن پاران اغوا ڪرائي زبردستي دستبردار ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي پي ٽي آءِ اڳواڻ مولا بخش سومرو پي ٽي آءِ يوسي لوگي جي وائيس چيئرمين جي اميدوار شير خان گولو سان گڏجي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي اميدوارن ڌانڌلي جي شروعات ڪئي آهي

ڊي آر او انهن سان ٻڌل آهي يوسي لوگي ۽ يوسي علي پور جي پي ٽي آءِ اميدوارن کي اغوا ڪري زبردستي دستبرداري لاءِ لکرايو ويو ۽ انھن جا فارم آر اوز کان رد ڪرايا ويا آهن. ڊي سي جيڪب آباد ڊي آر او آهي پر ان باوجود به حڪمران جماعت جي اميدوارن سان ٻٽ بڻيل آهي ڊي سي جو دماغ خراب آهي هو پي ٽي آءِ اميدوارن کي حددخلين جي آڙ ۾ گهر ۽ دڪانون ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

حڪمران جماعت ضلعي چيئرمين تي من پسند اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ اھڙا حربا استعمال ڪري رهيو آهي، يوسي لوگي تي پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شير خان گولو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي اميدوار داد محمد عرف نانا کوسو پنهنجي ڀاءُ ۽ ٻن اڻڄاتل ماڻهن سان مون کي اغوا ڪري ھفتي تائين گم ڪري ڇڏيو جنهن بعد مون کان زبردستي دستبرداري لاءِ لکرائي ويو آهي آر او اسان جي پينل جو فارم رد ڪري ڇڏيو اھڙي شڪايت ڪرڻ باوجود ازالو ناهي ٿي سگهيو

ميڊيا آڏو آواز بلند ڪرڻ لاءِ پهتو آهيان هن چيو ته پيپلزپارٽي اميدوارن مان جان جو خطرو آهي اليڪشن ڪميشن معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پينل جو فارم بحال ڪري ڪنهن به صورت ۾ مخالف اميدوار خلاف ميدان خالي نه ڇڏيو ويندو ان موقعي تي ارسلان ميمڻ، بادل کوسو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا