خليفو قاسم ( ن،پ،ا)سنڌ جي مشھور اولياء بزرگ ۽ لاڙ جي لعل سيد سمن شاھ سرڪار جو ساليانو ميلو 10 نومبر کان پنگريو ڀرسان ڏام ڌوم سان لڳي رھيو آھي، ميلي جو افتتاح پيپلزپارٽي اڳواڻ رئيس غلام قادر مري ، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپور ،سيڊا چيئرمين قبول محمد کٽياڻ ۽ درگاھ جو گادي نيشين سيد بخش شاھ چادر چاڙھي ڪندا ، ميلي ۾ اڏوات وارو ڪم تيزي سان جاري آھي ، ميلي ۾ شرڪت لا۽ سوين فقيرن سميت عقيدتمندن جي آمدوارو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آھي ، ھن سال ميلي جي موقعي تي سنڌ جا مشھور فنڪار پنھنجي فن جو پڻ مظاھرو ڪندا ، ان کان سوائي ملھ جي مقابلن ۾ سنڌ جا نالي وارا ملھ پھلوان حصو وٺندا ،اتي وري ڀلن اٺن سميت گھوڙن جي ڍور پڻ ٿيندي ،ميلي جي تيارين جو سلسلو جاري آھي ، ميلي سبب لنگھ شھرن ٽنڊوباگو، خليفو قاسم ،پنگريو، کوسڪي، ملڪاڻي شريف ۽ جھڏو جي روڊ وارن دڪانن ۽ بازارن کي سينگاريو پيو وڃي ، ميلي جي چارج حاصل ڪرڻ لا۽ بدين ضلع جي پوليس کاتي جا ڪيترائي ايس ايڇ  اوز ميلو سنڀالڻ ۽ لکين روپيا ڪمائڻ لا۽ سرگرم ٿي ويا آھن .