دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو ۾ 500 کان وڌيڪ پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن کي بائيو ميٽرڪ سسٽم ۾ غير حاضر ڄاڻائي بنيادي( بيسڪ پي ) پگهارن مان 6 مهينن کان 2 سالن تائين جون انڪريمنٽون ڪٽي ڇڏيون آهن ، بائيو ميٽرڪ عملي توڙي ڊي او اليمنٽري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاء غير حاضر رهندڙ استادن کي ٻه شوڪاز نوٽيس ڏيڻ ۽ روبرو گهرائي پڇاڻو ڪرڻ بنا سڌي ريت استادن جي بيسڪ پي مان ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي، پنهنجي اخبار کي هٿ آيل اهڙين لسٽن ۾ پرائمري جي 300 کان وڌيڪ استادن جي بيسڪ پي مان 6 مهينن کان ٻن سالن تائين جون انڪريمنٽون ڪٽيون ويون آهن ۽ سيڪنڊري سائيڊ جي استادن جي پگهارن هڪ کان ٻن ڏينهن جي پگهارن جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ اهي به ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن ته ڳوٺاڻن جي احتجاجن ۽ مئجسٽريٽ جي حڪم تي ايمرجنسي بنياد تي ڊي او بند پيل اسڪول کولڻ لاء 50 کان وڌيڪ استادن جون انهن اسڪولن ۾ مقرريون ڪيون پر انهن استادن سميت بائيو ميٽرڪ تبديل نه ٿيڻ ڪري ريگيولر استادن کي به غير حاضر ڄاڻائي انهن جي بيسڪ پي مان ٻن ٻن سالن جون انڪريمنٽون ڪٽيون ويون آهن ته ٻئي پاسي ايمرجنسي بنيادن تي موڪل جون درخواستون جمع ڪرائيندڙ استادن کي به غير حاضر ڄاڻايو وڃي.