سيمي فائنل کان اڳ بابر اعظم جي پيءُ جو پٽ جي نانءُ پيغام

0
152
سيمي فائنل کان اڳ بابر اعظم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي والد اعظم صديقي به ٽيم لاءِ ايندڙ ٻن ميچن ۾ ڪاميابي لاءِ دعائون گهريون آهن

سوشل ميڊيا تي بابر اعظم سان گڏ تصوير شيئر ڪندي بابر اعظم جي والد واصف علي واصف جي هڪ چوڻي يا(قول) شيئر ڪيو جنهن ۾ لکيل هو ته تسليم ڪرڻ کانپوءِ تحقيق گمراهه ڪري ڇڏيندي آهي

اعظم صديقي لکيو آهي ته هڪ ڪمزور ٻار پنهنجي پيءُ جي پويان پنهنجي ڪلهن تي هٿ رکي بيٺو آهي، جنهن جا هٿ هميشه سندس حفاظت لاءِ بلند آهن، ڪائنات جي مالڪ کان دعاگو آهيان ته پٽ ڪاميابين جي بلندين کي ڇهي

پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان جي والد وڌيڪ لکيو ته مونکي پنهنجي پٽ تي پورو ڀروسو آهي، پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪندي هو ڪامياب ضرور ٿيندو