لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي سول لائين ٿاڻي جي حد رسول آباد محلا ۾ ناچو ڇوڪرن ۽ کدڙن فقيرن جي  تنو فقير گروپ، فائزه ۽ نور گروپ ۾ خيرات وٺڻ تان جهيڙي کان پوءِ هڪ ٻئي مٿان سنگين الزام لڳايا آهن.ناچو ڇوڪرن نور جان فقير امبرين، فقير فائزه، فقير مهوش، پري فقير پريس ڪلب اڳيان جهمريون هڻي ۽ تاڙيون وڄائي انوکو احتجاج ڪندي چيو ته  اسان شادي، پارٽي، سالگرهه، طوهر ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي جهمريون هڻي لاڏا ۽ سهرا چئي ۽ خيرات وٺي پيٽ گذر ڪندا آهيون. هنن الزام لڳايو ته بااثر کدڙو فقير تنو جان اسان کي پنهنجو نفس ختم ڪري بعد ۾ خير وٺڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي، انڪار تي تنو جان اوباش ڇوڪرا وٺي حملو ڪري فقير امبرين ۽ ٻين کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو .سندن چوڻ هو ته پوليس کي دانهن پر تحفظ نه ڏنو، کدڙن فقيرن ۾  وڏي جهيڙي جو خدشو آهي. نوٽيس وٺي تنو جان ۽ ان جي ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.