يوسف رضا گيلاني پاران سينيٽ ۾ اپوزيشن جو عھدو ڇڏڻ جو اعلان

0
253
اسٽيٽ بئنڪ بل جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني اسٽيٽ بئنڪ بل جي منظوري تي احتجاج طور عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، سينيٽ خطاب دوران يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آئون وڌيڪ عرصو سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر نٿو رهڻ چاهيان

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني چيو تھ پارٽي قيادت اڳيان استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏي اٿم، اسٽيٽ بئنڪ بل جي منظوري دوران چيئرمين جانبداري جو مظاهرو ڪيو، بل تي ووٽنگ دوران اپوزيشن وٽ اڪثريت هئي ته اجلاس اڌ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ڪيو ويو

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ چيئرمين ووٽ ڏنو آهي،  اڌ رات جو ايجنڊا جاري ڪرڻ وارو عمل به مناسب نه هو، انتهائي اهم بل تي بحث ٿيڻ گهرجي ها

ھي به پڙھندا

اپوزيشن جي احتجاج باوجود سينيٽ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور ڪري ورتو