لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ شهر جي نظر محلا رائيس ڪئنال لوهي پل وٽ ڪئنال ۾ وهنجارڻ لاءِ ايندڙ مينهن 11 هزار تارن ۾ وچڙي مري وئي، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي 22 ورهين جو ڌنار نديم علي عمراڻي ڪرنٽ لڳڻ سبب تڏي تي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، نوجوان جي لاش مٿان سندس ماءُ پيءُ روئيندا رهيا، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا، نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ان حوالي سان فوتي ڌنار جي وارثن ٻڌايو ته نديم علي صبح جي وقت مينهن کي رائيس ڪئنال ۾ وهنجارڻ ويو جتي لوهي پل وٽ هڪ مينهن گندي نالي ۾ هلي وئي، جتي 11 هزار بجلي جي تارڪريل هجڻ ڪري ڪرنٽ لڳڻ سبب مينهن مري وئي، هنن ٻڌايو ته ڌنار مينهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن کي به ڪرنٽ لڳو، جنهن ۾ هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.