پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن شهر ۾ هڪ ئي رات چور مستري ساجد مغل جي دڪان مان سامان، ، نبي بخش جي گهران موٽر سائيڪل، عثمان مهاجر جي گهر مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان، وحيد انصاري جي مان به روڪ رقم توڙي ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، ٻي طرف شھرين محسن لاشاري، دل نواز لاشاري، ربنواز علي حسن، ببلو لاشاري، طالب لاشاري، اشفاق مغل ۽ ٻين نصرت ڪئنال پل تي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين دانيهندي چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، هڪ ئي رات 4 چوري جون وارداتون ٿيون آهن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.