ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) بينڪ الحبيب لميٽڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز 30 جون 2021ع تي ختم ٿيندڙ ڇهه ماهي جي مدي لاءِ بينڪ جي ملياتي نتيجن جو اعلان ڪر ي ڇڏيو. ٽيڪس جي ڪٽوتيءَ کانپوءِ بينڪ 9.04 ارب رپين جي منافعو ڪمايو، جيڪو گذريل سال کان 25.10 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ٽيڪس ڪٽوتيءَ کان اڳ بينڪ جو منافعو 14.34 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو ، جنهن سان في ڪس آمدني 8.13 رپيا في شيئر ٿيندي، جيڪا گذريل سال دوران 6.50 رپيا في شيئر هئي. نيٽ مارڪ اپ آمدني وڌي 27.40 ارب رپيا ٿي وئي، جيڪا پائيدار گروٿ کي برقرار رکڻ ۾ بينڪ جي ڪاميابي جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪووڊ-19 دوران ڏکين حالتن ۽ مفت آن لائين آڇن باوجود بينڪ پنهنجي في ۽ ڪميشن جي آمدني ۾ 42.70 سيڪڙو نمايان اضافو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. ڪل اثاثا 31 ڊسمبر 2020ع جي مقابلي ۾ 21.59 سيڪڙو اضافي سان 1.85 کرب رپين تائين پهچي ويا.