لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي جماعت اهلسنت قاسميه درگاھ مشوري شريف طرفان شهر جي مک جناح باغ ۾ 144هون چهلم شهداءِ ڪربلا جي عنوان هيٺ پروفيسر منظور احمد مشوري جي صدارت ۾ سالياني ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي پروفيسر منظور احمد مشوري خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي ٻچڙن ۽ ساٿين سميت حق جي راھ تي هلندي شهادت ماڻي اهڙي عظيم قرباني ڏيندڙ شهيدن جو چاليهو اسان انتهائي عقيدت ۾ احترام سان ملهائي رهيا آهيون، پيغام ڪربلا سچائي جو ساٿ ۽ انسان ذات سان محبت ڪرڻ، سڌي طرح شريعت جي رستي تي هلڻ ۽ اصولن تي زندگي گذارڻ جو نالو آهي، اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته براين کان پاسو ڪري نيڪي جا ڪم ڪن ۽ پابندي سان نماز ادا ڪن، جنهن ۾ دنيا توڙي آخريت جي ڀلائي آهي. هن چيو ته هن وقت يهودي ۽ نسارا مسلمانن خلاف مختلف قسم جون سازشون ڪري رهيا آهن، پر اسان مسلمان متحد آهيون، مخالفن جون سازشون ناڪام ٿي وينديون، جلسي ۾ منير احمد مشوري، علامه مفتي حق النبي سڪندري، علامه حافظ علي اڪبر قاسمي، مولانا عبدالله قاسمي، مولانا عبدالسميع قاسمي، مولانا خليل احمد قاسمي سميت ٻين عالمن سڳورن پڻ خطاب ڪندي ڪربلا جي واقعي تي روشني وجهندي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته نالي مٺو قاسمي، واجد علي قاسمي، عبيدالله قاسمي، فقير ضياءُ، عاجز جمالي ۽ ٻين نعت خوانن ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ قصيده پڙهي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا، جڏهن ته جلسي ۾ مولانا علي نواز قاسمي، شيخ عبدالعزيز قاسمي، رضا کوکر، حافظ خالد حسين قاسمي، محمد اياز شيخ، مرتضيٰ جمالي سميت وڏي تعداد ۾ عقيدت مندن شرڪت ڪئي. آخر ۾ ملڪي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.