ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميھڙ خيرپور ناٿن شاهه انڊس ھاءِ وي روڊ تي ٻنڊو موري وٽ نامعلوم ھٿياربندن روڊ تان گذرندڙ ڪار کي روڪي هٿيارن جي زور تي ڊرائيور امداد سولنگي کان ڪار موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته ڪار مالڪ علي اصغر چانڊيو جي رپورٽ تي ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي جي رپورٽ درج ڪري جاچ ڪري رهي آهي.