لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ استادن پ ٽ الف طرفان اضافي سالياني فيس جي وصولي توڙي سالن کان جنرل باڊي اجلاس نه ڪوٺائڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي پرائمري استادن غلام الله سانگي، افسر علي قريشي، ضمير احمد گاد، عبدالڪريم ميڪڻ، محمد شريف عمراڻي چيو ته پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقو لاڙڪاڻو يونٽن طرفان غيرآئيني طور استادن جي فلاح بهبود جي آڙ ۾ سالياني فيس 120 مان وڌائي 200 ڪئي وئي آهي جڏهن ته سٽي يونٽ ۾ 1600 ۽ تعلقي يونٽ ۾ 700 پرائمري استادن ميمبر آهن جن جو مجموعي تعداد 2300 روپيه آهي 80 روپيه جي حساب سان هڪ لک 80 هزار رپيا غيرقانوني طور اوڳاڙيا ويا آهن. هنن چيو ته اهڙا فيصلا پ ٽ الف طرفان ڪيا ويندا آهن جنهن تي پوري سنڌ ۾ پ ٽ الف جون تنظيمون عمل ڪنديون آهن پر پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقي لاڙڪاڻي طرفان مرڪز کي باءِ پاس ڪري هر اسڪول جي هيڊ ماستر کي ليٽر اماڻي فوري طور سالياني فيس ۾ في ميمبر کان 200 رپيا اوڳاڙيا پيا وڃن. هنن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 20 سالن کان وٺي پ ٽ الف جي جنرل باڊي نه ڪرائي وئي آهي جنهن ڪري سوين استادن جا مسئلا حل ٿي نه سگهيا آهن.