جيڪب آباد (رپورٽر) ڳوٺ نوازو جاگير واسي عورتن روبينا جکراڻي، اشرف زادي جکراڻي ۽ ضميران جکراڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته پوليس اسان جي گهرن تي ڪاھه ڪري اسان جي ٻن نوجوانن محمد شريف جکراڻي ۽ نصر الله جکراڻي کي کنڀي کڻي وئي آهي جڏهن ته ڪجهه مهينا اڳ به پوليس اسان جي ٻن نوجوانن بختيار جکراڻي ۽ محمد شير کي جيڪب آباد وچ شھر شهيد الهه بخش پارڪ ويجهو کين قتل ڪيو هو، جنهن خلاف عدالت ويا آهيون ۽ ان تان پوليس هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي هيسائي رهي آهي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي ته پوليس پاران کنڀيل ٻن نوجوانن کي آزاد ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.