نوشهروفيروز (رپورٽر) ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد عرفان بلوچ چيو آهي ته محرابپور جي شھيد صحافي عزيز ميمڻ قتل ڪيس جي ماسٽر مائينڊ جوابدارن مشتاق سھتو ۽ افشاد سھتو جي گرفتاري لاءِ پوليس ڀرپور ڪوششون وٺي رھي آھي، ٻنھي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گھرو کاتي کي 25، 25 لک رپيا انعام مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صحافي ۽ پوليس جو تعلق ٽرين جي پٽڙي جيان آھي، جيڪا ھلي ته گڏ ٿي پر ڪڏھن به گڏبي ناهي.