لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد ڪرمان باغ مان ڦورو شهري صابر سومرو کان ساڍا 3 لک روڪ رقم، موبائل ۽ ٻيو سامان ڦري ويا، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا، جنهن ۾ ڦورو موٽرسائيڪل تي فرار ٿيندي نظر اچن ٿا. هوڏانهن سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ اچڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو. ان حوالي سان متاثر شھري صابر سومرو پئسا، موبائل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.