لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو ) اينٽي نارڪوٽڪس ڪراچي جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر ابرار جي اڳواڻيءَ ۾ ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڌامراهه جي ڳوٺ مير واهه چانڊيو ۾ منشيات اسمگلر جي موجودگيءَ جي اطلاع تي چڙهائي ڪئي ته ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي هوائي فائرنگ ڪري اهلڪارن کي گاڏين سميت يرغمال بڻائي ڇڏيو، رينجرز کي مدد لاءِ گهرايو ويو،  ونگ ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل ديرام بيگ جي اڳواڻيءَ ۾ رينجرز اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي يرغمال بڻايل اي اين ايف جي اهلڪارن کي ڇڏائي ورتو. هوڏانهن اهڙي واقعي خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ۽ ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو زاهد چانڊيو، ڳوٺاڻن محمد خان، صوبو خان چانڊيو اي اين ايف جي هڪ اهلڪار جي وردي ۽ هڪ ڪرنٽ واري مشين ڏيکاريندي الزام لڳايو ته 6 گاڏين ۾ سوار اينٽي نارڪوٽڪس پوليس چڙهائي ڪري ٻن نوجوانن خالد پٽ نثار چانڊيو ۽ 13 ورهين جي زوهيب پٽ بشير علي کي هٿڪڙيون هڻي کڻي وڃي رهيا هئا مزاحمت تي ٻنهي ڄنن کي ڇڏي هڪ نوجوان وڪيل چانڊيو کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن.ٻئي پاسي ماهوٽا پوليس اهڙي ڪاروائي کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب با اثر سياسي شخصيت جي مداخلت تي اينٽي نارڪوٽڪس جي اهلڪارن کي هٿيار واپس ڏياري معاملي کي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي.