لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) راڌڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمالي ۾ کوسا ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ سبب جمالي برادري جا 6 ڄڻا نظير، غلام قادر، آدم، راحب، خادم ۽ وزير جمالي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.