سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميان محمد حنيف انڍڙ ۾ انڍڙ برادري جا ماڻهو زمين جي مالڪي تان پاڻ ۾ وڙهي پيا، ٻن عورتن سميت ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا، غلام نبي، عبدالمالڪ، ميان اقبال، ميان گل حسن سجاد کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌُرين وِچ ۾ ٽن سالن کان پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ھلندڙ آهي جنهن جا پڻ فيصلا به ٿيا آهن پر ڌريون پاڻ ۾ فيصلن تي مطمئن ٿي ناهن سگهيون هوڏانهن ڪينٽ پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچي زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال پنوعاقل اماڻي ڇڏيو.