لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) رحمت پور پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي هٿيار سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.جوابدار جي سڃاڻپ ڳوٺ سمائي انڙ واسي برڪت ولد غلام حيدر طور ٿي، رحمت پور ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب پير مراد شاهه ويجهو مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس هڪ ڏوهاري  برڪت انڙ کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو.هوڏانهن ايس ايس پي طرفان ايس ايڇ او رحمت پور ۽ سندس ٽيم لاءِ انعام ۽ اعزاز جو اعلان پڻ ڪيو آهي.