لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائيون ڪندي مختلف علائقن مان 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، چرس ۽ گٽڪا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ دڙي پوليس مقتول سجاد سيخ جي قتل ۾ ملوث مُک جوابدار شاهنواز شابراڻي کي، رشيد وڳڻ پوليس مقتول عاشق ٽڳڙ جي قتل ۾ ملوث جوابدار صديق ٽڳڙ کي پسٽل ۽ گولين سميت، سي آءِ اي پوليس تعلقي ٿاڻي جي حد مان جوابدار نواز ملگاڻي کي 6 ٻورين ۾ بند گٽڪن جا 300 پيڪيٽ ۽ رڪشا سميت، دڙي پوليس منشيات فروش سهيل ابڙو کي ٻه ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت، الهه آباد پوليس منشيات فروش سجاد ابڙو کي ٻه ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت، دڙي پوليس گهربل جوابدار شڪيل ڀٽو کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، يونيورسٽي پوليس منشيات فروش جوابدار عزيز کوسو کي هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت، نئون ديرو پوليس ٻن جوابدارن اسد الله ۽ مورزادو شر کي بغير لائسنس ٻن پسٽل ۽ گولين سميت، عاقل پير شير پوليس گهربل جوابدار اڪبر ڀٽو کي ۽ ايئرپورٽ پوليس منشيات فروش جوابدار علي حيدر ابڙو کي 450 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.