نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان 5 ڏينهن اڳ جت – ڀٽا لاڙي وٽان ڊائريڪٽر ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري عبدالعزيز چاچڙ کان ٿيل ڦر واقعي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نئون ديرو پوليس ڪارروايون تيز ڪندي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سيڪنڊري عبدالعزيز چاچڙ کان ڦر ٿيل سرڪاري ڪاغذ، ڪارڊ، ڪار جا ڪاغذ، اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ چيڪ سميت سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊي ايس پي نئون ديرو فدا لانگاهه ۽ ايس ايڇ او شاهد ميمڻ تعليم کاتي جي آفيسرن کي گهرائي ڦريل سامان جي سڃاڻپ ڪرائي جڏهن ته ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سيڪنڊري عبدالعزيز چاچڙ، گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو، آصف ڀٽو سميت ٻيا استاد نئون ديرو ٿاڻي تي پهچي پنهنجي سامان ۽ ڪاغذن جي سڃاڻپ ڪئي. ٿاڻي تي موجود ڊائريڪٽر ايجوڪيشن عبدالعزيز چاچڙ ڳالهائيندي چيو ته مون کان ڦر ٿيل سرڪاري ڪاغذ، اي ٽي ايم ڪارڊ، شناختي ڪارڊ، بئنڪ جا چيڪ، ڪار جي ڪاغذن سميت فقط سامان هٿ ڪيو آهي ۽ ڦر ٿيل رقم 13 لک، ڏيڍ تولو سون، راڊو واچ، موبائل فونون هٿ ناهن ڪيون ويون جن جي ٽوٽل ماليت 19 لک جي لڳ ڀڳ آهي جيڪو فوري طور واپس ڪرائي اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري ظاهر ڪيو وڃي. جڏهن ته ڊي ايس پي فدا لانگاهه ۽ ايس ايڇ او نئون ديرو شاهد صادق ميمڻ ٻڌايو ته ڏوهارين خلاف وڏيون ڪاروايون ڪيون آهن ۽ ان ۾ شروعاتي طور ڪجهه ڪاميابي ملي آهي ۽ جلد اصل جوابدارن کي پڪڙي انهن وٽان ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪنداسين.